Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو بحران جي خلاف 22 مئي کان عوامي احتجاجي مهم جو آغاز ڪري رهي آهي. سيد حيدر عباس رضوي.


ايم ڪيو ايم ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو بحران جي خلاف 22 مئي کان عوامي احتجاجي مهم جو آغاز ڪري رهي آهي. سيد حيدر عباس رضوي.
 Posted on: 5/20/2015
ايم ڪيو ايم ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو بحران جي خلاف 22 مئي کان عوامي احتجاجي مهم جو آغاز ڪري رهي آهي. سيد حيدر عباس رضوي.
پاڻي جي بحران ۾ حڪومت ۽ واٽر ٽينڪر مافيا ٻئي برابر جون شريڪ آهن . خواجه اظهار الحسن.
خورشيد بيگم سيڪٽريٽ عزيز آباد ۾ اهم پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 20 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدر عباس رضوي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سنڌ خصوصن ڪراچي ۾ پاڻي جي هٿرادو بحران ڏانهن حڪومت جي توجه ڏيارڻ جي لاءِ 22 مئي کان سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ نواب شاھ سميت ٻين شهرن ۾ پرامن احتجاجي مهم جو آغاز ڪري رهي آهي ۽ اسان کي يقين آهي ته ان تمام تر صورتحال ۾ سنڌ خصوصن ڪراچي جو عوام ايم ڪيو ايم جو ڀرپور ساٿ ڏيئي ڪري پرامن طريقي سان احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندو. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عارف خان ايڊووڪيٽ، عبدالحسيب، ڪنور نويد جميل ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن به موجود هئا.سيد حيدرعباس رضوي چيو ته ايم ڪيو ايم گذريل 8 سالن کان ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ اسيمبلين، ميڊيا ۽ ٻين فورمن تي پاڻي جي فراهمي جي لاءِ آواز اٿاري رهي آهي، پر حڪمرانن اسان جي آواز تي ڪائي به توجه نه ڏني ۽ انهي جي ڪري عوام پاڻي جي  لاءِ ترسي رهيا آهن. انهن چيو ته ڪراچي پاڪستان کي 65 سيڪڙو روينيو ڏيئي ٿو، پر ان جي باوجود هتي پاڻي جو سخت بحران آهي. انهن تفصيلات جي باري ۾ آگاھ ڪندي چيو ته ڪراچي کي روزاني جي حساب  سان هڪ هزار ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي پر صرف 400 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي ، ۽ ان 400 ملين گيلن پاڻي پاڻي جي ورهاست به پنهنجي مرضي سان ڪئي پئي وڃي.انهن چيو ته ڪراچي ۾ 160 کان وڌيڪ ٽينڪر هائيڊرينٽس غير قانوني طور تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ شهرين کي 5  کان 12 هزارن ۾ پاڻي جو ٽينڪر وڪنيو پيو وڃي. ان موقعي تي انهن احتجاجي مظاهرن جي شيڊول جو اعلان ڪندي چيو ته 22 مئي بروز جمعي تي ڪراچي پاور هائوس تي احتجاج ڪيو ويندو. 23 مئي بروز ڇنڇر تي ڪراچي پريس ڪلب، 24 مئي بروز آچر تي ڪورنگي نمبر 5، 25 مئي بروز سومر تي 3 نمبر مهاجر ڪيمپ ، 27 مئي بروز اربع تي لياقت آباد نمبر 10، 28 مئي بروز خميس تي گلشن اقبال ڊسڪو بيڪري، 29 مئي بروز جمعو پاڪ ڪالوني بڙا بورڊ،  30 مئي تي ڪالا بورڊ ملير، پهرين جون تي سکر ، 2 جون تي نواب شاھ، 4 جون تي ميرپورخاص، 5 جون تي حيدرآباد ۽ 6 جون تي هڪ وڏو مظاهرو ڪراچي تبت سينٽر تي ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڪنور نويد جميل چيو ته سنڌ اسيمبلي جي تعمير ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي رهائش جي لاءِ ڪراچي جي کاتي مان منصوبا بڻايا پيا وڃن پر ڪراچي جي عوام کي پاڻي فراهم فراهم ڪرڻ جي لاءِ پيسا نه آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم 2007 ۾ ڪي 3 منصوبي جي ذريعي ڪراچي جي لاءِ 10 ڪروڙ گيلن پاڻي آندو ۽ هاڻي ڪي 4 منصوبي جي لاءِ آواز بلند ڪئي پر حڪمرانن ان کي مڪمل نه ڪيو ان کان پوءِ خواجه اظهار الحسن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڻي جي بحران تي  سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ التوا جمع ڪرائي ۽ 5 ۽ 6 اپريل تي ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي موجود غير قانوني هائيڊرينٽس کي ميڊيا جي سامهون ظاهر ڪرايو ۽ حڪومت جي ان طرف توجه ڏياري . 11 مئي تي اعلٰي حڪام کي خط لکيو پر ڪوئي به مثبت قدم نه کنيو ويو. انهن چيو ته 
جيڪب آباد جا ماڻهو هڪ هفتي کان پاڻي تي احتجاج ڪري رهيا آهن پر سنڌ حڪومت کي ڪجھ به نظر نه اچي رهيو آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت کان مسلسل مطالبو ڪري رهي آهي جنهن تي صرف هڪ ڪروڙ روپيا پاڻي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڏنا ويا. انهن چيو ته سياست ڪرڻ وارا ڪراچي وارن کي پاڻي جي بحران جو ذميوارڏيئي رهيا آهن پر جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي بلدياتي دور ۾ پاڻي جو ڪوئي به بحران نه هو.انهن قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ غير قانوني هائيڊرينٽس جو فوري طور تي خاتمو ڪرائين نه ته ايم ڪيو ايم غير قانوني هائيڊرينٽس جي سامهون احتجاج ڪندي. .هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته پاڻي جي بحران ۾ حڪومت ۽ واٽر مافيا ٻئي برابر جون شريڪ آهن. 

7/17/2024 10:49:13 AM