Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي يونيورسٽي جي رهائشي ڪيمپس مان ايم ڪيو ايم جي چئن ڪارڪنن ۽ لياقت آباد ۽ قصبه ڪالوني کان ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪارڪنن جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


ڪراچي يونيورسٽي جي رهائشي ڪيمپس مان ايم ڪيو ايم جي چئن ڪارڪنن ۽ لياقت آباد ۽ قصبه ڪالوني کان ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪارڪنن جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 5/20/2015
ڪراچي يونيورسٽي جي رهائشي ڪيمپس مان ايم ڪيو ايم جي چئن ڪارڪنن ۽ لياقت آباد ۽ قصبه ڪالوني کان ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪارڪنن جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪيو وڃي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 20 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي يونيورسٽي جي رهائشي ڪيمپس مان ايم ڪيو ايم جي چئن ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي آپريشن جي نالي تي شهر جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو جاري آهي. گذريل رات به قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن ڪراچي يونيورسٽي جي رهائشي ڪيمپس ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپو هنيو ۽ معمار سيڪٽر اسڪيم 33 يونٽ جي ڪارڪنن شاهد ولد عبدالرشيد، ذيشان امين ولد امين الدين، محمد عدنان حبيب ۽ انهن جي ڀاءُ فيضان حبيب کي گرفتار ڪري ورتو. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته رينجر لياقت آباد کان به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن عدنان ولد عبدالوحيد ۽ قصبه علي ڳڙھ کان محمد امجد جميل کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي چيو ته هن مهل تائين ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به شهيد ڪارڪن جي قاتل کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي پر ابتڙ ڪارڪنن کي ئي گرفتار ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ گرفتار ٿيلن کي رها ڪيو وڃي.

7/17/2024 11:09:00 AM