Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گيس انفراسٽڪچر بل 2015 جي منظوري جو فيصلو واپس ورتو وڃي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.


گيس انفراسٽڪچر بل 2015 جي منظوري جو فيصلو واپس ورتو وڃي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.
 Posted on: 5/20/2015
گيس انفراسٽڪچر بل 2015 جي منظوري جو فيصلو واپس ورتو وڃي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.
ان بل جي منظوري سان سڄي ملڪ ۾ گيس جي صارفين کي 100 روپيا اضافي ادا ڪرڻا پوندا.
ڪراچي؛ 20 مئي 2015 
              قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن حڪومت جي طرفان قومي اسيمبلي ۾ گيس انفراسٽڪچر بل 2015 جي منظوري ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان بل جي منظوري کي پاڪستان جي غريب عوام جي معاشي مشڪلاتن ۾ اضافي جو ڪارڻ قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته مسلم ليگ ن جي حڪومت گيس انفراسٽڪچر جي ترقياتي محصول جي نالي تي سڄي ملڪ جي غريب عوام کي مالي مشڪلاتن جو شڪار ڪرڻ چاهي ٿي ۽ پنهنجي عددي اڪثريت جي هوَڏ تي قومي اسيمبلي ۾ گيس انفراسٽڪچر بل 2015 جي باضابطه منظوري ڏيئي پاڪستان جي غريب عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان بل جي منظوري سان پاڪستان ۾ گيس جي صارفين کي 100 روپيا اضافي ادا ڪرڻا پوندا ۽ انهن تي مالي بار به پوندو.انهن چيو ته 98 سيڪڙو غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو پهرين ئي مالي مشڪلاتن جو شڪار آهن. غربت، مهانگائي ۽  بي روزگاري عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي. جيڪڏهن حڪومت غريب عوام کي رليف نه ٿي ڏيئي سگهي ته ان کي وڌيڪ مالي مشڪلاتن جو شڪار به نه ڪري. انهن مطالبو ڪيو ته گيس انفراسٽڪچر بل 2015 جي منظوري جو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ سڄي ملڪ جي ماڻهن کي زنده رهڻ ۽ زندگي گذارڻ جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. 

7/17/2024 11:15:09 AM