Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل جي واٽر بورڊ جي چيف انجنيئر سان ملاقات.


رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل جي واٽر بورڊ جي چيف انجنيئر سان ملاقات.
 Posted on: 5/16/2015
رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل جي واٽر بورڊ جي چيف انجنيئر سان ملاقات.
ڪراچي؛ 16 مئي 2015 
               حق پرست ايم اين اي ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل چيف انجنيئر سان گلبرگ ٽائون آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ميٽنگ ۾ اسيمبلي ميمبرن عبدالوسيم، سفيان يوسف، ريحان هاشمي، انور رضا، جمال احمد ، وسيم قريشي ۽ واٽر بورڊ جي آفيسرن به شرڪت ڪئي. ڪنور نويد جميل واٽر بورڊ جي چيف انجنيئر سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته عوام شڪايت ڪري رهيا آهن ته ڪتيرائي ڏينهن گذري وڃن ٿا پر شهر ۾ پاڻي نه پيو ڏنو وڃي ۽ جڏهن پاڻي جي سپلائي کولي وڃي ٿي ته ان ۾ مضر صحت پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو، جنهن جي ڪري پيٽ جون بيماريون ٿيڻ جو خطرو آهي. انهن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي گهرجي ته اها ڪي فور منصوبي کي فوري طور تي شروع ڪرائي ۽ ان منصوبي ۾ حائل رڪاوٽن کي به فوري طور تي دور ڪري. ڪنور نويد جميل واٽر بورڊ جي اعلٰي آفيسرن کي چيو ته جيڪڏهن اوهان عوام سان تعاون نه ڪيو ته اسان پاڻي جي چوري ۽ پاڻي جي ڪمي جي لاءِ نيب ۽ عدالت سان رجوع ڪنداسين ۽ عوام سان گڏجي ڪري احتجاج به ڪنداسين. ان موقعي تي چيف انجنيئر واٽر بورڊ ڪنور نويد جميل کي پاڻي جي ڪمي جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري به ڪرائي.

7/17/2024 11:15:45 AM