Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم پي ڊبليو ڊي ونگ ۽ ايم ڪيو ايم جي هر دل عزيز ڪارڪن نورالدين بهماني عرف (مناڀائي) جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.


ايم ڪيو ايم پي ڊبليو ڊي ونگ ۽ ايم ڪيو ايم جي هر دل عزيز ڪارڪن نورالدين بهماني عرف (مناڀائي) جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
 Posted on: 5/16/2015
ايم ڪيو ايم پي ڊبليو ڊي ونگ ۽ ايم ڪيو ايم جي هر دل عزيز ڪارڪن نورالدين بهماني عرف (مناڀائي) جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 16 مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم پي ڊبليو ڊي ۽ ايم ڪيو ايم جي هردل عزيز ڪارڪن نور الدين بهماني عرف( منا ڀائي) جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو مان  نور الدين بهماني عرف( منا ڀائي) کي پي ڊبليو ڊي ونگ ۽ سڄي ملڪ جي معذورن جي لاءِ خدمتون انجام ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. انهن فرمايو ته نورالدين بهماني عزم و همت جا پيڪر هئا، جن اسٽرڪچر تي هوندي به ڪڏهن همت نه هاري، انهن فرمايو ته نور الدين وڏي وقت کان اسٽرڪچر تي هئا ۽ انهي حالت ۾ اهي معذور ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪندا رهيا ۽ ساڻ ئي ايم ڪيو ايم جي هر پروگرام ۾ به شرڪت ڪندا رهيا. انهن فرمايو ته نورالدين انتهائي مخلص ۽ ملڻ جلڻ وارا ماڻهو هئا ۽ اهي هر ماڻهو جي ڏک کي پنهنجو ڏک سمجهندا هئا. انهن نور الدين مرحوم جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. مرحوم سوگوار پونئرن ۾ هڪ بيوه ۽ هڪ نياڻي سوگوار ڇڏي آهي. 

7/17/2024 11:18:07 AM