Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سڄي پاڪستان جا ماڻهو بنيادي سهولتن جي لاءِ ترسي رهيا آهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سڄي پاڪستان جا ماڻهو  بنيادي سهولتن جي لاءِ ترسي رهيا آهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 5/16/2015
سڄي پاڪستان جا ماڻهو  بنيادي سهولتن جي لاءِ ترسي رهيا آهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اڄ پاڪستان جي هر ڪنڊ ۾ ماڻهو پاڻي، بجلي، گيس، روزگار، تعليم ۽ بنيادي سهولتن کان محروم آهن.
ايوان صدر، وزير اعظم هائوس، وزير اعلٰي هائوس، گورنر هائوس ۽ ٻين وڏن وڏن سرڪاري ادارن ۾ نيرن، لنچ ۽ عشائين جي وڏين وڏين دعوتن تي مڪمل طور تي پابندي عائد ڪئي وڃي.
سمورن وزيرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي تا حڪم ثاني جهاز جي فرسٽ ڪلاس يا بزنس ڪلاس ۾ سفر ڪرڻ جي بجاءِ اڪانامي ڪلاس ۾ سفر ڪن.
رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي ميمبرن ۽ نائن زيرو جي مختلف شعبن جي ذميوارن ۽ ميمبرن کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 16 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان جا عوام بنيادي سهولتن جي لاءِ ترسي رهيا آهن ۽ عوام کي جيئري رهڻ ۽ زندگي گذارڻ جي لاءِ بنيادي سهولتن جي فراهمي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي بنيادي ذميواري آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جي ميمبرن ۽ نائن زيرو تي تنظيمي خدمتون انجام ڏيڻ وارن مختلف شعبن جي ذميوارن ۽ ميمبرن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪنهن به ملڪ کي صحيح معنٰي ۾ ترقي يافته ۽ خوشحال بڻائڻ جي لاءِ لازمي آهي ته ملڪ جي ترقي جا فائدا ملڪ جي سمورن ماڻهن تائين بغير ڪنهن فرق جي پهچن ۽ ملڪ جي سمورن ماڻهن کي جيئري رهڻ ۽ زندگي گذارڻ جون لازمي شيون ميسر هجن. انهن شين ۾ صحت واري خوراڪ، گيس، رهائش، روزگار، پاڻي ، موسمي اثرن کان بچاءُ وارو لباس، علاج معالجي جون سهولتون ۽ تعليم شامل آهي. مون کي ان ڳالھ کان بلڪل به انڪار نه آهي ته ملڪ جي ترقي و خوشحالي ۽ ملڪ کي ترقي يافته ملڪن جي لائين ۾ بيهارڻ جي لاءِ وڏن وڏن ترقياتي منصوبن جي به ضرورت هوندي آهي  پر جيڪڏهن ڪوئي ملڪ چوڻ ۾ ته ترقي يافته هجي پر ان جي ترقي جا اثر عوام تائين نه پهچن ته اهڙي ملڪ کي عجائب گهر ۾ ته رکي سگهجي ٿو پر ترقي يافته نه ٿو چئي سگهجي. جڏهن هن ملڪ جا عوام بنيادي سهولتن کان محروم رهندا ۽ جيئرائي نه رهندا ته وڏا وڏا ترقياتي منصوبا ڪنهن جي ڪم ايندا؟جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ پاڪستان جي هر ڪنڊ ۾ رهڻ وارو ماڻهو پاڻي جي عدم فراهمي جو شڪار آهي ۽ پاڻي جي عدم فراهمي جي ڪري قيمتي چوپايو مال به مري رهيو آهي. خوراڪ نه هجڻ جي ڪري معصوم ٻار پنهنجين امڙين جي ڪڇ ۾ فوت ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ کاڌي پيتي جون شيون ته موجود آهن پر گيس نه هجڻ جي ڪري اهي رڌ پچاءُ ڪرڻ کان محروم آهن. سخت گرمي جي ڪري پوري ملڪ جي ماحول ۾ آڪسيجن جو تناسب گهٽ هجڻ جي ڪري ماڻهن کي ساھ کڻڻ ۾ به تڪليف ٿي رهي آهي ۽ بجلي نه هجڻ جي ڪري بجلي سان هلندڙ شيون به بند آهن. انهن وڌيڪ چيو ته روزگار جا ذريعا نه هجڻ جي ڪري غريب شهري پنهنجن ٻارڙن کي هڪ وقت جو ويلو کارائڻ کان به قاصر آهن، جڏهن ته تعليمي مرڪزن جي گهٽ هجڻ جي ڪري والدين پنهنجن معصوم ٻارن کي مڪينڪ، ڪار صاف ڪرڻ  ۽ محنت مزدوري جو ڪم ڪرڻ ايستائين جو ڀٽي تي ڪم ڪرائڻ تي به مجبور آهن. انهن فرمايو ته ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪٿي صحت جا مرڪز موجود آهن ته اتي ڊاڪٽر نه آهن ۽ جيڪڏهن ڊاڪٽر آهن ته اتي دوائون نه آهن ۽ غريب عوام علاج معالجي جي سهولتن کان به محروم آهن. غربت، مهانگائي ۽ روزگار نه هجڻ جي ڪري غريب ماڻهو کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪرڻ ته ٺهيو لٽو ڪپڙو خريد ڪرڻ جي به سوڀ نه ٿا رکن. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان آخر ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پرزور اپيل ڪريان ٿو ته خدا جي واسطي في الحال ايوان صدر، وزير اعظم هائوس، وزير اعلٰي هائوس، گورنر هائوس ۽ ٻين وڏن وڏن اهم سرڪاري ادارن ۾ نيرن، لنچ ۽ عشائين جي وڏين وڏين دعوتن تي مڪمل طور تي پابندي لڳائي وڃي. سمورن وزيرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ اعلٰي سرڪاري آفيسرن کي به پابند ڪيو وڃي ته اهي تاحڪم ثاني جهاز جي فرسٽ ڪلاس يا بزنس ڪلاس ۾ سفر ڪرڻ جي بجاءِ اڪانامي ڪلاس ۾ سفر ڪن، وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا جي چيف ايگزيڪٽو کان وٺي ڪري گورنر تائين سڀ عوام کي بجلي، گيس، پاڻي، صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي جي جدوجهد ۾ مصروف ٿي وڃن، مان انهن سڀني جي لاءِ دعا ڪندس ته اهي نيڪ نيتي سان اهو ڪم شروع ڪن ، الله تعالٰي انهن جي مدد فرمائيندو.انهن فرمايو ته مان پنهنجي ان بيان ۾ حقيقتون بيان ڪيون آهن، ڪا سياسي ڳالھ نه ڪئي آهي ان جي ڪري منهنجي معدبانه گذارش آهي ته منهنجي ان بيان کي شايع ڪري مون کي شڪريو ادا ڪرڻ جو موقعو ڏني وڃي. 

7/17/2024 10:55:30 AM