ملتان ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ ميڊيا جي نمائندن کي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي طرفان تشدد جو نشانو بڻائڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 15 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ملتان ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ ميڊيا جي نمائندن کي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي طرفان تشدد جو نشانو بڻائڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته تحريڪ انصاف ملڪ ۾ وڏا وڏا تبديلي جا نعرا بلند ڪري رهي آهي پر جڏهن ته ان جي پنهنجن ئي جلسن ۾ بدنظمي، بدتهذيبي ۽ صحافين تي تشدد جا ڪيترائي واقعا ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته تحريڪ انصاف ۾ نظم و ضبط جو فقدان آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ملتان ۾ ميڊيا جي نمائندن کي جهڙي طرح ڪوريج ڪرڻ تي مارڪٽ ڪئي وئي آهي اها انتهائي شرم جي ڳالھ آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي رابطا ڪميٽي ان واقعي تي تشدد جو نشانو بڻجڻ وارن صحافين سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ تحريڪ انصاف جي قيادت کان مطالبو ڪيو ته اها صحافين تي تشدد ۾ ملوث ڪارڪنن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪري ۽ صحافت جي معزز شعبي سان وابسته ماڻهن کي ذليل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري.