Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گلستان جوهر پهلوان ڳوٺ ۾ دهشت گردن جي فائرنگ سان سابق ايس ايس پي حيدرآباد اعجاز حيدر جي وحشياڻي قتل ۽ گهر واري جي زخمي ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


گلستان جوهر پهلوان ڳوٺ ۾ دهشت گردن جي فائرنگ سان سابق ايس ايس پي حيدرآباد اعجاز حيدر جي وحشياڻي قتل ۽ گهر واري جي زخمي ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 5/15/2015
گلستان جوهر پهلوان ڳوٺ ۾ دهشت گردن جي فائرنگ سان سابق ايس ايس پي حيدرآباد اعجاز حيدر جي وحشياڻي قتل ۽ گهر واري جي زخمي ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 15 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي گلستان جوهر پهلوان ڳوٺ ۾ دهشت گردن جي فائرنگ سان سابق ايس ايس پي حيدرآباد اعجاز حيدر جي وحشياڻي قتل ۽ انهن جي گهر واري جي زخمي ٿيڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي لڳاتار نشانو بڻايو پيو وڃي جيڪا وڏي ڳڻتي جي ڳالھ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار ئي جڏهن دهشت گردن جي نشاني تي هوندا ته پوءِ عوام کي تحفظ ڪير فراهم ڪندو. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته شهر ۾ جنهن پيماني تي قتل و غارتگري ۽ دهشت گردي ٿي رهي آهي ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته سنڌ حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڪارڪردگي بلڪل زيرو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ ئي صفورا ڳوٺ ۾ اسماعيلي برادري کي دهشت گردن نشانو بڻايو هو ۽ اڄ  اعجاز حيدر جي قتل مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن شهر کي دهشت گردن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. رابطا ڪميٽي اعجاز حيدر جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ مقتول جي گهر واري کي جلد کان جلد صحت يابي عطا فرمائي.رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اعجاز حيدر جي وحشياڻي قتل ۽ انهن جي گهر واري کي زخمي ڪرڻ جي واقعي ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ شهر ۾ دهشت گردن ۽ ڏوهاري ماڻهن جي خلاف ٺوس ۽ عملي ڪاروائي عمل ۾ آڻي عوام جي جان و مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

7/17/2024 10:55:51 AM