Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان جو سڀني کان وڏو مسئلو انتها پسندي ۽ دهشت گردي آهي،ڪالھ جو حملو اسماعيلي برادري تي نه بلڪه پاڪستان جي استحڪام ۽ رياست تي حملو هو. ڊاڪٽر فاروق ستار.


پاڪستان جو سڀني کان وڏو مسئلو انتها پسندي ۽ دهشت گردي آهي،ڪالھ جو حملو اسماعيلي برادري تي نه بلڪه پاڪستان جي استحڪام ۽ رياست تي حملو هو. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 5/14/2015
پاڪستان جو سڀني کان وڏو مسئلو انتها پسندي ۽ دهشت گردي آهي،ڪالھ جو حملو اسماعيلي برادري تي نه بلڪه پاڪستان جي استحڪام ۽ رياست تي حملو هو. ڊاڪٽر فاروق ستار.
سانحه صفورا کي بيان ڪرڻ جي لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن.مقتدا منصور.
سانحه صفورا جي شهيدن جي ياد ۾ جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب کي خطاب.
ڪراچي؛ 14 مئي 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه صفورا جي شهيدن جي ياد ۾ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون ۽ اسماعيلي برادري سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو. تقريب ۾ رابطا ڪميٽي انچارج ڪيف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبرن، حق پرست سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کان علاوه عوام ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته پاڪستان جو سڀني کان وڏو مسئلو انتها پسندي ۽ دهشت گردي آهي. ڪالھ جو حملو اسماعيلي برادري تي نه بلڪه پاڪستان جي استحڪام ۽ سالميت تي حملو هو. انهن چيو ته 11 آگسٽ 1947 تي پاڪستان جي روح جنم ورتو هو ۽ 14 آگسٽ تي پاڪستان جي  جسم جنم ورتو هو ۽ جيڪڏهن پاڪستان جي بقا و سلامتي کي قائم رکڻو آهي ته 11 آگسٽ جي دستور پاڪستان کي 14 آگسٽ جي پاڪستان سان ملائڻو پوندو تڏهن ئي وڃي پاڪستان مضبوط ٿيندو.انهن چيو ته سانحه صفورا هڪ کليل دهشت گردي آهي ۽ شايد چنگيز خان جي دور ۾ ٿيندڙ واقعا اڄ ٻيهر ٿي رهيا آهن. انهن چيو ته هڪ پرامن برادري تي جهڙي طرح ظلم ٿيو آهي اهو پشاور آرمي پبلڪ اسڪول کان پوءِ ٻيو وڏو سانحو آهي. ڪالهوڪي سانحي اسان جي ان ڳالھ کي اجاگر ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ سڀني کان وڏو مسئلو انتها پسندي ۽ دهشت گردي آهي، قومي ايڪشن پلان کي بڻائڻ سان دهشت گردي ۽ انتها پسندي ختم نه ٿيندي بلڪه ان جي لاءِ قومي ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻو پوندو. انهن چيو ته ڪالھ جيڪي ڪجھ ٿيو آهي اهو پاڪستان جي تعمير و ترقي ڪرڻ وارن ۽ پاڪستان کي جناح جو پاڪستان بڻائڻ وارن سان ٿيو آهي. انهن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اصل ڏوهارين کي ڇڏي ڪري هڪ سياسي جماعت ۾ سڀني ڏوهارين جي ڳولا ڪئي ويندي ته ان قسم جا واقعا ٿيندا رهندا. انهن چيو ته ڪراچي مني پاڪستان آهي، ان کي قومي ايڪشن پلان جي تحت مقامي پوليس ۽ مقاني حڪومتن جو نظام ڏيڻو پوندو ۽ هتان جي شهرين کي گهٽين ۽ پاڙن ۾ چوڪيداري نظام به قائم ڪرڻو پوندو.تقريب کي خطاب ڪندي تجزيه نگار آغا مسعود چيو ته آغا خاني برادري تي حملو پاڪستان تي حملو آهي، جن اهو حملو ڪيو آهي اهي پاڪستان جي سلامتي نه ٿا چاهين. سينيئر صحافي مقتدا منصور چيو ته سانحه صفورا کي بيان ڪرڻ جي لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن ۽ مان اسماعيلي برادري سان ان سانحي تي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو. آرٽس ڪائونسل جي صدر اعجاز فاروقي چيو ته اسماعيلي برادري اها برادري آهي جنهن انسانيت جي خدمت ڪئي آهي. پي ايف يو جي جي سيڪريٽري جنرل امين يوسف چيو ته اهو سانحو ڳڻتي جي ڳالھ آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي ڪراچي ۾ ڪامياب آپريشن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. تقريب کي ڪراچي پريس ڪلب جي سابق صدر امتياز فاران خطاب ڪندي چيو ته مان ان تقريب جو انعقاد ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. جن هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اها مظلومن سان گڏ آهي. ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي سيڪريٽري جنرل واجد رضا چيو ته جيڪڏهن ڪراچي آپريشن  درست سمت ۾ جاري رهي ها ته اهو واقعو پيش نه اچي ها.تقريب کي مذهبي اسڪالر مولانا اطهر مشهدي ۽ رشيد گوڏيل به خطاب ڪيو.

7/17/2024 10:51:33 AM