Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ميمبر سيد وقاص علي شاھ شهيد جي والده محترمه سيده ناظمه بيگم مرحوم کي کوکرا پار جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ميمبر سيد وقاص علي شاھ شهيد جي والده محترمه سيده ناظمه بيگم مرحوم کي کوکرا پار جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
 Posted on: 5/10/2015
ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ميمبر سيد وقاص علي شاھ شهيد جي والده محترمه سيده ناظمه بيگم مرحوم کي کوکرا پار جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي، اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين جي وڏي تعداد ۾ شرڪت.
ڪراچي؛ 10 مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي مرڪز نائن زيرو تي چاپي جي دوران سرڪاري اهلڪارن جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ميمبر سيد وقاص علي شاھ شهيد جي والده محترمه سيد ناظمه بيگم مرحومه کي کوکرا پار جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان کان اڳ مرحومه جي جنازي نماز کوکرا پار جي الله والي مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن، ڊاڪٽر فاروق ستار، عبدالحسيب، اسيمبلي ميمبرن، شعبن جي ميمبرن، سيڪٽر و يونٽ ڪميٽين جي ذميوارن کان علاوه ڪارڪنن ۽ مرحومه جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تدفين کان پوءِ مرحومه جي مغفرت، انهن جي درجات جي بلندي ۽ سيد وقاص ي شاھ شهيد سميت تمام شهيدن جي بلند درجات جي لاءِ دعائون به ڪيون ويون. عل  ان کان پوءِ رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي مطالبو ڪيو ته سيد وقاص علي شاھ شهيد جي قاتلن جي گرفتاري جي لاءِ غير جانبدار جوڊيشل ڪميشن قائم ڪيو وڃي، جيڪو قتل جي غير جانبدار تحقيقات ڪري ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪري انهن کي عبرتناڪ سزا ڏياري. انهن چيو ته سيد وقاص علي شاھ شهيد باصلاحيت ڪارڪن هئا. جيڪي نه صرف اي پي ايم ايس او بلڪه ايم ڪيو ايم جا به اثاثه هئا. انهن چيو ته ٻن مهينن جو وقت گذرڻ کان پوءِ به انهن جي حوالي سان ڪائي به اڳڀرائي نه ٿي آهي. انهن چيو ته اڄ مدر ڊي آهي ۽ هڪ امڙ پنهنجي پٽ جي قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف جي حسرت دل ۾ کڻي هن دنيا ماڻ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. انهن جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي طرفان به مرحومه جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي  جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي. 

7/17/2024 11:10:47 AM