ايم ڪيو ايم بيلجيئم يونٽ جي وفد جي بيلجيئم ۾ مقيم اسماعيلي برادري جي رهنما جناب سليم تاباني سان ملاقات. وفد انهن سان سانحه صفورا تي دلي افسوس جو اظهارڪيو.
بيلجيئم؛ 14 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ بيلجيئم يونٽ جي هڪ وفد بيلجيئم ۾ مقيم اسماعيلي برادري جي رهنما جناب سليم تاباني سان ملاقات ڪئي ۽ سانحه صفورا تي انهن سان دلي افسوس جو اظهار ڪيو. وفد دعا ڪئي ته الله تعالٰي سانحه صفورا جي شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمي ٿيندڙن کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي. ان موقعي تي وفد حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسماعيلي برادري جي وحشي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي.