Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون يونٽ 118 اي جي شهيد ڪارڪن محمد علي کي سوين آلين اکين سان گڏ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون يونٽ 118 اي جي شهيد ڪارڪن محمد علي کي سوين آلين اکين سان گڏ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
 Posted on: 5/14/2015
ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون يونٽ 118 اي جي شهيد ڪارڪن محمد علي کي سوين آلين اکين سان گڏ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڪراچي؛ 14 مئي 2015 
           اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 اي جي ڪارڪن محمد علي کي سوين آلين اکين سان گڏ اورنگي ٽائون جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان کان اڳ شهيد جي جنازي نماز سڪينه مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي انچارج ڪيف الورٰي، اسيمبلي ميمبرن ۽ سيڪٽر و يونٽ ڪميٽي جي ذميوارن کان علاوه ڪارڪنن ۽ شهيد جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تدفين کان پوءِ قومي اسيمبلي جي ميمبر محبوب عالم ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته دهشت گردي ڀلي ڪهڙي به شڪل ۾ هجي ان جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. انهن چيو ته اسان جڏهن به دهشت گردي جي خاتمي جي ڳالھ ڪريون ٿا ته اسان جي ساٿين جي ٽارگيٽ ڪلنگ شروع ٿي وڃي ٿي. انهن چيو ته محمد علي شهيد گذريل رات پنهنجي گهر واري سان گڏ پنهنجي پٽ جي دوا وٺڻ جي لاءِ نڪتا ئي هئا ته انهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ٿي وئي. انهن چيو ته جيستائين اسان جي جسم ۾ رت جو آخري ڦڙو آهي اسان پنهنجي قائد جو ساٿ ڏيندا رهنداسين. انهن وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان سوال ڪيو ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو هن شهر ۾ قتل ٿيندڙ هر شخص جي قاتلن کي صرف ايم ڪيو ايم ۾ تلاش ڪيو وڃي ٿو. پر جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي شهيدن جا قاتل اڄ تائين به نه پڪڙيا ويا آهن. انهن وڌيڪ چيو ته اسان جي ساٿين کي صرف ان جي ڪري شهيد ڪيو پيو وڃي ته جيئن اسان حق پرستانه جدوجهد کي ڇڏي ڏيون. پر اسان اها جدوجهد نه ڇڏينداسين. انهن مطالبو ڪيو ته محمد علي شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪري انهن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي.

6/30/2024 7:33:15 AM