واسع جليل پاڪستان ميڊيا ڪميٽي جي انچارج جي حيثيت سان ذميواريون انجام ڏيندا رهندا.
سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبر امين الحق کي به شعبه اطلاعات ۾ شامل ڪيو ويو آهي، امين الحق پرنٽ ميڊيا سان رابطن جي ذميواري انجام ڏيندا.
ڪراچي؛ 11 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته رابطا ڪميٽي جا ميمبر واسع جليل پاڪستان جي ميڊيا ڪميٽي جي انچارج جي حيثيت سان پنهنجيون ذميواريون انجام ڏيندا.اهي هن وقت به شعبه اطلاعات جي انچارج جي حيثيت سان اليڪٽرانڪ ميڊيا سان رابطن جون ذميواريون انجام ڏيئي رهيا هئا. ان کان علاوه سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبر امين الحق کي به شعبه اطلاعات ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي پرنٽ ميڊيا سان رابطن جي ذميواري سونپي وئي آهي. ترجمان چيو ته تنظيمي ذميوارين ۾ اها ردوبدل معمول جي مطابق آهي.