Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان قائم ڪرڻ وارن جي اولادن کي غدار نه چيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


پاڪستان قائم ڪرڻ وارن جي اولادن کي غدار نه چيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 5/11/2015
پاڪستان قائم ڪرڻ وارن جي اولادن کي غدار نه چيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڀارت، آمريڪا يا ٻيو ڪوئي ملڪ پاڪستان کي تباھ ڪرڻ جي لاءِ وڌندو ته ڪروڙين ماڻهن جي نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ بيٺي هوندي.
مان انشاء الله تعالٰي آخري ساھ تائين ايم ڪيو ايم جي قيادت ڪندو رهندس.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڪراچي سميت سنڌ جي تمام شهرن ۽ لاهور، پنڊي، ملتان، پشاور، ڪوئيٽا، نصير آباد ۽ ٻين شهرن ۾ ڪارڪنن جي جنرل ورڪرز اجلاس کي هڪ ئي وقت ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 11 مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان کي قائم ڪرڻ وارن جي اولادن کي غدار نه چيو وڃي، ڀارت، آمريڪا يا ٻيو ڪوئي به ملڪ جيڪڏهن پاڪستان کي تباھ ڪرڻ جي لاءِ وڌندو ته ڪروڙين ماڻهن جي نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ بيٺي هوندي. انهن فرمايو ته هر نفس  کي موت جو ذائقو چکڻو آهي ۽ مان انشاء 
الله تعالٰي آخري ساھ تائين ايم ڪيو ايم جي قيادت ڪندو رهندس. ايم ڪيو ايم چئن ڪروڙ ماڻهن جي نمائنده جماعت آهي ۽ چئن ڪروڙ ماڻهن کي الله تعالٰي کان سواءِ دنيا جي ڪائي به طاقت ختم نه ٿي ڪري سگهي. اها ڳالھ انهن ڪراچي سميت سنڌ جي تمام شهرن ۽  لاهور، پنڊي، ملتان، پشاور، ڪوئيٽا، نصير آباد ۽ ٻين شهرن ۾ ڪارڪنن جي جنرل ورڪرز اجلاس کي هڪ ئي وقت ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم بانيان پاڪستان جي اولادن جي جماعت آهي جيڪا پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام جو خاتمو چاهي ٿي، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ واري جماعت ايم ڪيو ايم تي گذريل 37 سالن کان من گهڙت ۽ ڪوڙا الزام لڳائي ڪري ان کي بدنام ڪيو پيو وڃي. حق پرستانه جدوجهد جي ڏوھ ۾ ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو. هزارن کي قيد ڪيو ويو ۽ درجنين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو ويو. انهن فرمايو ته تمام تر منفي پروفيگنڊن ، رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي باوجود 23 هين اپريل 2015 تي اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ عوام پنهنجي اتحاد سان ايم ڪيو ايم کي شاندار ڪاميابي سان همڪنار ڪري ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن کي ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن ڪنهن قوم کي آئيسو ليٽ ڪرڻ مقصود هجي ته ان جي خلاف منفي پروفيگنڊو ڪري ان کي ٻين ڪميونٽيز کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ ان قوم کي آئيسوليٽ ڪري ان جو جيئڻ مشڪل ڪيو وڃي ٿو. جڏهن اها قوم ان ظلم جي خلاف ۽ پنهنجن حقن جي لاءِ آواز بلند ڪري ٿي ته ان تي ڪوڙا الزام لڳائي ڪري ان قوم جي ڪرمنالائزيشن ڪئي وڃي ٿي ته جيئن دنيا کي گمراھ ڪيو وڃي ته حقن جي جدوجهد ڪرڻ وارا اهي ڏوهاري آهن ۽ پوءِ انهن تي ملڪ دشمني جا الزام به عائد ڪيا وڃن ٿا. جناب الطاف حسين فرمايو ته پيمرا جي ذريعي منهنجي خطاب تي پابندي لڳائي پئي وڃي پر جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي لاءِ ذرائع ابلاغ جو رستو بند ڪيو ويو ته اسان عوام سان رابطي جي لاءِ ٻيو رستو اختيار ڪنداسين ۽ پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکنداسين. انهن فرمايو ته 
اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج مون کان ناراض ٿي وئي آهي جو مان فوج جي باري ۾ ڳالھ ڪئي . مان اڄ پاڪ فوج جي شعبه اطلاعات کي چوان ٿو ته نائن زيرو کان منهنجي پهرين مئي جي تقرير جي آڊيو ڪيسٽ وٺي ڪري ٻڌو ته مان فوج جي متعلق ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن. انهن فرمايو ته مان فوج جي خلاف ڳالھ ڪرڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهان. مان اڄ به فوج جو احترام ڪريان ٿو. مان پنهنجي تقرير ۾ صرف اها ڳالھ ڪئي هئي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن جي دوران ، بزرگن ۽ عورتن کي گاريون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ اهو چيو وڃي ٿو ته توهان انڊيا جا ايجنٽ آهيو، را جا اينجٽ آهيو، توهان پاڪستان ڇو آيو، اهو توهان جو وطن نه آهي، وڃو پنهنجي ملڪ واپس هليا وڃو.ان موقعي تي جناب الطاف حسين اجتماعن جي شرڪاء کان پچيو ته ڇا اوهان مان ڪنهن کي اهو تجربو نه ٿيو آهي؟ جنهن تي شرڪاء جي طرفان تصديق ڪئي وئي ته بلڪل اهي طعنا ڏنا وڃن ٿا. جناب الطاف حسين فرمايو ته 19 جون 1992 تي ايم ڪيو ايم تي ڪوڙا الزام لڳائي ڪري مون کي پنهنجن ساٿين کان پري ڪيو ويو، اسان تي بهتان تراشي ڪرڻ وارا پنهنجن ٻارن ٻچن سان گڏ رهن ٿا جڏهن ته 25 سالن کان مون کي پنهنجي خاندان ۽ ساٿين کان پري ڪيو ويو آهي پر پوءِ به انهن کي سڪون نه آهي ۽ اڄ تائين مون تي ڪوڙا الزام لڳايا پيا وڃن. مان پنهنجي تقرير ۾ اهو به چيو هو ته اوهان اسان تي را جا ايجنٽ هجڻ جو الزام لڳايو ٿا ته توهان اهو چاهيو ٿا ته ڇا مان را کان مدد گهري وٺان؟ اهو منهنجو اهو سوال هو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اوهان اسان تي ان ملڪ ۽ ان جي اداري جو ايجنٽ هجڻ جو الزام ڇو لڳايو ٿا. جن جي خلاف اسان جي بزرگن جدوجهد ڪئي ۽ جاني و مالي قربانيون ڏنيون. حامله عورتن جا پيٽ چيري ڪري انهن جي ننڍڙن ٻارن کي نيزن تي هوا ۾ اڇلايو ويو، والدين جي سامهون ٻارن کي ذبح ڪيو ويو. نياڻين پنهنجين عزتن جي تحفظ جي لاءِ ايتري وڏي تعداد ۾ کوهن ۾ ٽپا ڏنا جو کوهن جا منھ ڀرجي ويا. اسان جا ابا ڏاڏا اهي سڀئي ظلم سهندا رهيا، پر پوءِ به اهو ئي نعرو لڳائيندا رهيا ته بٽ کي رهي گا هندستان، لي ڪي رهين گي پاڪستان. جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ اينڪر پرسن ٽي وي تي تجزيو ڪندي اهو الزام لڳايو ته الطاف حسين چوي ٿو ته فوجين جون ڏنڊيون ڇني وٺنداسين، انهن جون ورديون ۽ ٻلا لاهي وٺنداسين جيڪو سراسر ڪوڙ آهي. مان پنهنجي تقرير ۾ اهو به چيو هو ته جيڪڏهن اسان جا ابا ڏاڏا تحريڪ پاڪستان جي دوران پنهنجن ٻارڙن کي نه ڪهرائين ها، پنهنجا ڳوٺن جا ڳوٺ نه ساڙائين ها ۽ پاڪستان جي نالي تي جاني و مالي قربانيون نه ڏين ها ته اهو پاڪستان نه ٺهي ها ۽ نه ئي ڪنهن وٽ ڏنڊي ۽ ٻلا هجن ها. انهن شرڪاء کان دريافت ڪيو ته ڇا جمهوريت ۾ اختلاف جائز نه آهي؟ جنهن تي شرڪاء چيو ته بلڪل جائز آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان جڏهن اهو چيو ته پرويز مشرف جي خلاف سازش ۾ سابق آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني ۽ سابق چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري به ملوث آهن ۽ جتي پرويز مشرف کي قيد رکيو ويو آهي. ان جي ڀر واري ڪمري ۾ جنرل اشفاق پرويز ڪياني کي به قيد ڪيو وڃي ته مون کي غدار چيو ويو پر اڄ اهي ئي اينڪر پرسن ، وڪيل، انجمنن جا رهنما ۽ انساني حقن جي تنظيمن جا ماڻهو جيڪي افتخار چوڌري جي بحالي جي لاءِ جدوجهد ۾ شريڪ هئا،  کلي عام چئي رهيا آهن ته جنرل ڪياني ۽ افتخار چوڌري پاڪستان جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو. انهن فرمايو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر واضع ڪري ڇڏڻ چاهيان ٿو ته ڀلي ايم ڪيو ايم ۾ هزار گروپ بڻايا وڃن يا رابطا ڪميٽي جا ميمبر ذميواري سان ڪم ڪن يا نه ڪن ۽ ڀلي منهنجي تقرير تي پابندي لڳائي وڃي، انشاء الله تعالٰي مان قيادت ڇڏڻ جي ڳالھ پنهنجي زبان تي نه آڻيندس.هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي ۽ انشاء الله تعالٰي مان آخري ساھ تائين ايم ڪيو ايم جي قيادت ڪندو رهندس.ايم ڪيو ايم چئن ڪروڙ ماڻهن جي نمائنده جماعت آهي ۽ چئن ڪروڙ ماڻهن کي الله تعالٰي کان سواءِ دنيا جي ڪائي به طاقت ختم نه ٿي ڪري سگهي. انهن عوام ۽ ڪارڪنن کي چيو ته اهي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکن ته تقرير جي آزادي هر ماڻهو جو حق آهي، پر پاڪستان جي هڪ وفاقي اداري پيمرا ايم ڪيو ايم کان ان جو حق ڇني ورتو آهي. اهڙي طرح سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نالي به خط لکن. انهن ايم ڪيو ايم جي وڪيلن کي چيو ته اهي ان پابندي جي خلاف پيمرا ۽ حڪومت جي خلاف ڪورٽ ۾ آئيني پٽيشن دائر ڪن. انهن فرمايو ته اسان ان معاملي ۾ آئيني ۽ قانوني جنگ وڙهنداسين. ڀلي دير ٿي وڃي پر انشاء الله تعالٰي ڪاميابي اسان جي ٿيندي. انهن فرمايو ته ڀارت سميت ڪوئي به ملڪ جيڪڏهن 
پاڪستان کي تباھ ڪرڻ ۽ نقصان پهچائڻ جي لاءِ اڳتي وڌندو ته پاڪستان جي انهن دشمنن سان جنگ وڙهندي. اتي ايم ڪيو ايم به فوج سان گڏجي ڪري دشمنن جو مقابلو ڪندي. انهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڪور ڪمانڊر، آئي ايس آئي جي اعلٰي قيادت ۽ فوج جي ٻين آفيسرن کان سوال ڪيو ته ڇا آئين ۽ قانون جو اطلاق صرف ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين جي لاءِ آهي؟ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم حڪومت ۽ فوج تي تنقيد ڪري ته اها حڪومت ۽ پيمرا جي نظر ۾ ملڪ دشمن آهي، پر جيڪڏهن طاقتور ادارن جو لاڏلو عمران خان اهو چوي ته توهان 20 هزار ماڻهن کي روڊن تي وٺي اچو ته جنرلن جو پيشاب وهي ايندو،اهي ايترا ته بزدل هوندا آهن ته انهن جي خلاف ڪائي ڪاروائي ڇو نه ٿي ٿئي. مون تي ملڪ دشمني جو الزام لڳائڻ وارن عمران خان کي را جو ايجنٽ ، انڊين ايجنٽ ۽ ملڪ دشمن ڇو نه چيو؟ ڇا وزير دفاع خواجه آصف قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي فوج جو نالو وٺي ڪري فوج  کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو هو. ڇا جماعت اسلامي جي سابق امير منور حسن اهو نه چيو هو ته مان فوجين کي شهيد نه ٿو مڃان اهي هلاڪ آهن پر جڏهن ته طالبان شهيد آهن. آخر فوج ان ڳالھ تي منور حسن جي خلاف ڪهڙي ڪاروائي ڪئي. ڇا شهباز شريف ڀريل جلسي ۾ تقرير ڪندي اهي لفظ نه چيا هئا ته اسان آصف علي زرداري کي گريبان کان پڪڙي ڪري چوڪ تي گهلينداسين؟ انهن فرمايو ته بار بار منهنجي باري ۾ اهو سوال ڪيو وڃي ٿو ته اوهان پارٽي جي قيادت ڇڏي ڏيو. آخر اهو سوال ڪنهن ٻئي جي لاءِ ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ جناب الطاف حسين ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ايترين سياسي شخصيتن قومي ادارن تي تنقيد ڪئي. انهن کي گهٽ وڌ ڳالهايو. پر اڄ تائين انهن مان ڪنهن جي خطاب کي به نشر ڪرڻ تي پابندي نه لڳائي وئي. ڪارڪنن کي اهو مبارڪ هجي ته اها پابندي به اوهان جي قائد تي لڳائي وئي آهي. انهن فرمايو ته جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ڪراچي ۾ عورتن جو جلسو ڪيو ۽ عورتن جي حقن جي لاءِ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪيون پر ٽي ڏينهن اڳ ڪي پي ڪي جي علائقي لوئر دير ۾ ننڍي چونڊ ٿي ته رپورٽن جي مطابق اتي جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف ۽ اي اين پي پاڻ ۾ اهو معاهدو ڪيو ته عورتن کي ووٽ وجهڻ جي اجازت نه هوندي ۽ انهن عورتن کي ووٽ وجهڻ نه ڏنا. ان تي جڏهن سوال ڪيو ويو ته جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته عورتن کي گهر جو رڌ پچاءُ ڪرڻو هوندو آهي ۽ ٻارن جي سار سنڀال به ڪرڻي هوندي آهي. انهن چيو ته اها ڌوڪي بازي ، عياري ۽ مڪاري نه ته ٻيو ڇا آهي.انهن فرمايو ته سراج الحق لوئر دير جي عورتن ۽ ڪراچي جي امڙين ۽ ڀينرن کان معافي گهرن، نه ته آئنده جڏهن به اهي ڪراچي ايندا ته انهن کي ڪراچي جي امڙين ۽ ڀينرن جي طرفان احتجاج جو سامنو ڪرڻو پوندو. انهن اجتماع جي شرڪاء کي مخاطب ڪندي فرمايو ته شهرين کي پاڻي، بجلي ۽ گيس نه ملي رهي آهي ۽ شهر ڪچري جو ڍير بڻجي رهيو آهي. اوهان تيار ٿي وڃو، اسان ان معاملي تي ڀرپور احتجاج جي ڪال ڏيڻ وارا آهيون. انهن مطالبو ڪيو ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ فوري طور تي مڪاني اليڪشن جو اعلان ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين  چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ، ڪور ڪمانڊرن، آئي ايس آئي جي ڊائريڪٽر جنرل رضوان اختر ۽ ٻين اعلٰي حڪام کي مخاطب ڪندي فرمايو ته 1971 ۾ سابق اوڀر پاڪستان ۾ مهاجرن فوج جو ساٿ ڏنو هو پر فوج جي مدد ڪرڻ وارا اڄ به بنگله ديش ۾ ريڊڪراس جي ڪيمپن ۾ محصور آهن. انهن مطالبو ڪيو ته انهن محصور پاڪستانين کي فوري طور تي وطن واپس آندو وڃي. انهن فرمايو ته ڪجھ ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ اين اي 246 جي سيٽ جي باري ۾ سياسي مخالفن ۽ متعصب تجزيي نگارن خوشي ۾ اهو چوڻ شروع ڪيو هو ته ايم ڪيو ايم هاڻي ڪامياب نه ٿي سگهندي ۽ جيڪڏهن کٽي به وئي ته اها وڏي اڪثريت سان ڪامياب نه ٿي ٿيندي. پر سياسي مخالفن ۽ متعصب تجزيه نگارن جا تمام اندازا غلط ثابت ٿيا ۽ ايم ڪيو ايم هڪ لک جي ويجهو ووٽ کڻي ڪري ڪامياب ٿي ۽ جيڪڏهن پولنگ جو وقت وڌايو وڃي ها ته اسان ماضي جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيون ها. انهن فرمايو ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي اسان وٽ نيٽو جا هٿيار نظر اچي ويا پر ذوالفقار مرزٰي جديد هٿيار کڻي ڪري گهمي رهيو آهي، انهن کي هٿ لڳائڻ وارو ڪوئي به نه آهي. انهن سوال ڪيو ته جڏهن قانون جو اهو ٻٺو معيار هوندو ته اهو ملڪ ڪيئن هلندو؟ الله تعالٰي به اهي ناانصافيون ڪيستائين ڏسندو.  انهن نوجوانن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان پنهنجن بزرگن کان معلوم ڪريو ۽ تاريخ پڙهو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ مهاجرن سان ڇا ٿيو. 
1964 ۾ جنرل ايوب خان جي دور ۾ مهاجر آبادين تي ڪيئن حملا ٿيا. 1972 ۾ سنڌ ۾ لساني فسادن جي دوران ڇا ٿيو. ان وقت ايم ڪيو ايم نه هئي. نوجوان پنهنجن بزرگن کان معلوم ڪن ته 1985 ۾ ڇا ٿيو، 31 آڪٽوبر 1986 ۾ ڇا ٿيو. 14 ڊسمبر 1986 ۾ علي ڳڙھ ۽ قصبه ڪالوني جي آبادين تي حملن جي دوران ڪيئن قتل عام ٿيو. 26 مئي 1990 تي پڪا قلعه آپريشن جي دوران ڇا ٿيو. ڪهڙي طرح مٿن تي قرآن مجيد کنيل عورتن تي گوليون وسايون ويون. انهن حيدرآباد جي ايم پي ايز کي تاڪيد ڪئي ته اهي عوام جي مسئلن جي حل جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪن ۽ گهٽي گهٽي وڃن نه ته آئنده اهي ايم پي اي ته ٺهيو ڪائونسلر به بڻجي نه سگهندا.انهن گلگت جي علائقي نلتر ۾ پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽر جي حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ حادثي ۾ هلاڪ ٿيندڙ غير ملڪي سفيرن، انهن جي گهر وارين ۽ فوج  جي آفيسرن جي پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار به ڪيو. انهن 11 مارچ تي نائن زيرو تي چاپي جي دوران سرڪاري اهلڪارن جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن سيد وقاص شاھ شهيد جي والده جي وفات تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ڪارڪنن کي چيو ته اهي به وقاص شاھ شهيد جي والده مرحومه جي لاءِ دعائون ڪن ته الله تعالٰي انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.

6/30/2024 7:29:56 AM