ڊاڪٽر انور علي عابدي ۽ ڊي ايس پي ذوالفقار زيدي جي قتل تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 9 مئي 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي شاھ فيصل ڪالوني جي ڊي ايس پي ذوالفقار زيدي جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته اڄ ئي ناظم آباد ۾ ڊاڪٽر انور علي عابدي کي به شهيد ڪيو ويو هو. رابطا ڪميٽي چيو ته ائين لڳي ٿو ته ڪراچي کي فرقي وارانه فسادن جي باھ ۾ جهونڪڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ۽ فرقي واريت جي نالي تي ڪراچي سان ئي تعلق رکندڙ شخصيتن کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو پيو وڃي جيڪا انتهائي ڳڻتي جي ڳالھ آهي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر انور علي عابدي ۽ ڊي ايس پي ذوالفقار زيدي جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن کي قانون جي مطابق سخت ترين سزا ڏني وڃي. رابطا ڪميٽي ڊاڪٽر انور علي عابدي ۽ ڊي ايس پي ذوالفقار زيدي جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار به ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.