Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مان پاڪستان جو اتحاد ۽ استحڪام چاهيان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


مان پاڪستان جو اتحاد ۽ استحڪام چاهيان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 5/9/2015 1
مان پاڪستان جو اتحاد ۽ استحڪام چاهيان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
مان اهڙو مضبوط پاڪستان چاهيان ٿو جيڪو دشمنن ۽ وڏين وڏين طاقتن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڪري ڳالھ ڪري سگهي.
هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم تي ملڪ دشمني ۽ غداري جا الزام لڳايا پيا وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 9 مئي 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مان پاڪستان جو اتحاد ۽ استحڪام چاهيان ٿو، مان هڪ اهڙو مضبوط پاڪستان چاهيان ٿو جيڪو دشمنن ۽ وڏين وڏين طاقتن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڪري ڳالھ ڪري سگهي. اها ڳالھ انهن لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان ۾ ايم ڪيو ايم پنجاب جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان هڪ ئي وقت فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ماضي ۾ به جڏهن پاڪستان ۾ تيزي سان ايم ڪيو ايم جو پيغام ڦيلجڻ لڳو هو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ڪيو ويو هو ۽ پوري پاڪستان خصوصن پنجاب جي عوام کي ايم ڪيو ايم کان بدظن ڪرڻ جي لاءِ ان تي جناح پور ۽ طرح طرح جا من گهڙت ۽ ڪوڙا الزام لڳايا ويا، پر وقت ثابت ڪيو ته تمام تر الزام بلڪل غلط هئا. انهن فرمايو ته تمام تر سازشن ۽ پروفيگنڊن جي باوجود پوري ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جو پيغام ڦيلجي رهيو آهي ۽ اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم تي ملڪ دشمني ۽ غداري جا الزام لڳايا پيا وڃن.انهن الزامن جي ذريعي پاڪستان خاص طور تي پنجاب جي عوام کي ورغلائڻ ۽ انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.  انهن فرمايو ته پنجاب جي عوام کي اتان جي ليڊرن هميشه حقيقتن کان پري رکيو ۽ پنهنجن سياسي مفادن جي لاءِ استعمال ڪيو . اڄ به اهڙن عناصرن جي اها ئي ڪوشش آهي ته پنجاب جي عوام کي جناب الطاف حسين کان پري رکيو وڃي ڇو ته اهي اها ڳالھ چڱي نموني ڄاڻين ٿا ته جيڪڏهن پنجاب جا عوام جناب الطاف حسين سان گڏ اچي ويا ته اهي هڪ وڏي طاقت بڻجي ويندا ۽ مفاد پرست عناصر جي رانڌ ختم ٿي ويندي. انهي جي ڪري طرح طرح جون سازشون ۽ پروفيگنڊا ڪيا پيا وڃن ۽ ميڊيا تي ايم ڪيو ايم جي خلاف طرح طرح جون ڪهاڻيون گهڙيون پيون وڃن. اهي عناصر پنهنجين سازشن جي ذريعي ماضي ۾ به عوام ۾ نفاق وجهندا رهيا آهن ۽ هاڻي وري عوام ۾ نفاق وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن پنجاب جي ذميوارن کي چيو ته مان اوهان کان ڪجھ به نه ٿو چاهيان، مان اوهان کان پاڪستان جو اتحاد ۽ هڪ اهڙو مضبوط پاڪستان چاهيان ٿو، جيڪو پاڪستان جي دشمنن ۽ وڏين وڏين طاقتن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڪري ڳالھ ڪري سگهي. انهن پنجاب جي نوجوانن، بزرگن، امڙين، ڀينرن خصوصن يوٿ کي چيو ته اوهان ايم ڪيو ايم جو لٽريچر پڙهو. ايم ڪيو ايم جو لٽريچر اوهان جي خوشحالي جو لٽريچر آهي. اهو پاڪستان جي مضبوطي ، ترقي ۽ استحڪام جو لٽريچر آهي. انهن تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چيو ته اهي پنجاب جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ وڃي ڪري عوام تائين ايم ڪيو ايم جو پيغام پهچائين ۽ انهن کي حقيقتن کان آگاھ ڪن. جيڪڏهن عوام کي سمجهائڻ ۽ انهن کي حقيقتن کان آگاھ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته ملڪ ۾ نظام کي بدلڻ کان ڪوئي به روڪي نه ٿو سگهي. ان موقعي تي لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان جي آفيسن ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جناب الطاف حسين سان هڪ هڪ ٿي ڪري ڳالھ ٻولھ ڪندي انهن کي يقين ڏياريو ته ڀلي حالتون ڪهڙيون ئي ڇو نه هجن اهي تحريڪ کي ڪنهن به قيمت تي نه ڇڏيندا ۽ تمام تر حالتن ۽ تڪليفن جي باوجود پنجاب ۾ تحريڪ جي پيغام کي ڦيلائيندا رهندا. پنجاب جي ذميوارن جناب الطاف حسين کي ڪراچي ۾ اين اي 246 جي سيٽ تي شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد به پيش ڪئي. 

7/17/2024 11:52:06 AM