ناظم آباد ۾ دهشت گردن جي طرفان ڪلينڪ تي فائرنگ ڪري ڊاڪٽر سميت ٻن ماڻهن کي شهيد ڪرڻ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 9 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ناظم آباد جي علائقي پاپوش نگر ۾ اڻ ڄاتل دهشت گردن جي طرفان ڪلينڪ تي فائرنگ ڪري ڊاڪٽر انور علي عابدي سميت ٻن ماڻهن جي شهادت جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ دهشت گردن جي طرفان ڊاڪٽرن، انجنيئرن، پروفيسرن ۽ استادن سميت مذهبي رهنمائن جي قتل جا واقعا وڏي ڳڻتي جي ڳالھ آهن. رابطا ڪميٽي شهيد ٿيندڙ ڊاڪٽر انور علي عابدي سميت ٻن ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيدن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته ڪلينڪ تي فائرنگ ڪرڻ جي واقعي جو سختي سان نوٽس ورتو وڃي ۽ دهشت گردي جي روڪٿام جي لاءِ سخت قدم کنيا وڃن.