Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

هري پور ۾ تحريڪ انصاف جي ضلع ڪائونسل جي اميدوار جاويد خان جدون جي مٿان حملو، انهن جي 6 محافظن جي هلاڪ ٿيڻ جو واقعو کليل دهشت گردي آهي. بيرسٽر محمد علي سيف.


هري پور ۾ تحريڪ انصاف جي ضلع ڪائونسل جي اميدوار جاويد خان جدون جي مٿان حملو، انهن جي 6 محافظن جي هلاڪ ٿيڻ جو واقعو کليل دهشت گردي آهي. بيرسٽر محمد علي سيف.
 Posted on: 5/8/2015 1
هري پور ۾ تحريڪ انصاف جي ضلع ڪائونسل جي اميدوار جاويد خان جدون جي مٿان حملو، انهن جي 6 محافظن جي هلاڪ ٿيڻ جو واقعو کليل دهشت گردي آهي. بيرسٽر محمد علي سيف.
پشاور؛ 8 مئي 2015 
          متحده قومي موومينٽ خيبرپختونخواھ جي صدر و سينيٽر بيرسٽر محمد علي سيف  ڪي پي ڪي جي شهر هري پور ۾ تحريڪ انصاف ضلع ڪائونسل جي اميداور جاويد خان جدون تي دهشت گردن جي حملي ۽ ان جي نتيجي ۾ 6 محافظن جي هلاڪ ٿيڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي کي کليل دهشت گردي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ڪي پي ڪي دهشت گردي جو سڀني کان وڏو ڳڙھ بڻيل آهي، جتي هڪ طرف ته هر روز فوج، ايف سي ۽ پوليس جي مٿان حملا ٿي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف سياسي رهنمائن، واپارين ۽ دڪاندارن جي گهرن تي به دستي بمن سان حملا ڪيا پيا وڃن. انهن چيو ته گذريل پوين ڏينهن ۾ به آفتاب شير پائو جي قافلي تي خودڪش حملو ٿيو هو ۽ اڄ جاويد خان جدون تي حملو  ٿيو آهي. بيرسٽر محمد علي سيف چيو ته ڪي پي ڪي ۾ ٿيندڙ دهشت گردي، قتل و غارتگري، دستي بمن سان حملن ۽ ڏوهن جي وارداتن مان صاف ظاهر آهي ته تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت ڪي پي ڪي ۾ دهشت گردي ۽ ڏوهن جي خاتمي ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. انهن وڌيڪ چيو ته جيڪا حڪومت پنهنجن عهديدارن ۽ رهنمائن کي تحفظ ڏيئي نه ٿي سگهي ته اها ٻين کي تحفظ ڪيئن فراهم ڪري سگهي ٿي. 

6/30/2024 7:28:06 AM