Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جا ڪارڪنَ ۽ عوام زهريلن پروفيگنڊن،الزامن ۽ ميڊيا ٽرائل کان هرگز به مايوس نه ٿين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم جا ڪارڪنَ ۽ عوام زهريلن پروفيگنڊن،الزامن ۽ ميڊيا ٽرائل کان هرگز به مايوس نه ٿين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 5/8/2015 1
ايم ڪيو ايم جا ڪارڪنَ ۽ عوام زهريلن پروفيگنڊن،الزامن ۽ ميڊيا ٽرائل کان هرگز به مايوس نه ٿين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
انشاء الله تعالٰي تمام تر سازشن ۽ زهريلن پروفينگنڊن جي باوجود فتح ايم ڪيو ايم جي ٿيندي ۽ شڪست ايم ڪيو ايم جي دشمنن کي نصيب ٿيندي.
ايم ڪيو ايم جا ذميوار تنظيم نو جي عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪن ته جيئن تنظيم کي جديد خطن تي استوار ڪري سگهجي.
نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي، تنظيمي شعبن ، سينيٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ .
لنڊن؛ 8 مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي چيو آهي ته اهي تحريڪ جي خلاف ٿيندڙ زهريلن پروفيگنڊن، الزامن ۽ ميڊيا ٽرائل کان هرگز به مايوس نه ٿين ۽ الله سائين جي انصاف تي يقين رکن، انشاء الله تعالٰي تمام تر سازشن ۽ زهريلن پروفيگنڊن جي باوجود فتح ايم ڪيو ايم جي ٿيندي ۽ شڪست ايم ڪيو ايم جي دشمنن کي نصيب ٿيندي. ايم ڪيو ايم جا ذميوار تنظيم نو جي عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪن ته جيئن تنظيم کي جديد خطن تي استوار ڪري سگهجي.اها ڳالھ انهن ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي، تنظيمي شعبن، سينيٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم کان عوام کي بدظن ڪرڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام ۾ مايوسي ڦيلائڻ جي لاءِ ماضي ۾ به ايم ڪيو ايم جي خلاف ميڊيا تي پروفيگنڊه مهم هلائي وئي هئي ۽ هاڻي به هڪ ڀيرو ٻيهر انهي مقصد جي تحت ايم ڪيو ايم جي خلاف زهريلو پروفيگنڊو شروع ڪيو ويو آهي ۽ ان جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، انهن فرمايو ته ان قسم جي هٿڪنڊن سان اسان جي حوصلن کي نه ته پهرين ٽوڙي سگهيو ويو ۽ نه ئي اڄ ٽوڙي سگهجي ٿو. جناب الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ان ڳالھ کي ورجايو ته جيڪڏهن ڪوئي به ڪارڪن يا ذميوار ڪنهن به قسم جي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث پاتو ويو ته تحقيق ڪرڻ کان پوءِ ان کي تحريڪ کان ٻاهر ڪڍيو ويندو. انهن ذميوارن تي زور ڏنو ته اهي تنظيم نو جي ڪم کي تيز کان تيز ڪن. انهن ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن تي زور ڏنو ته اهي پاڻي ۽ بجلي جي بحران جي خاتمي ۽ عوام کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪن. 

7/17/2024 11:16:17 AM