ايم ڪيو ايم حڪومت جي طرفان اعلان ڪيل هڪ روزه قومي سوڳ ۾ پوري طرح شريڪ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڪراچي؛ 8 مئي 2015
گلگت ۾ پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽر جي حادثي ۾ غير ملڪي سفيرن ۽ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ تي حڪومت جي طرفان اعلان ڪيل قومي سوڳ ۾ ايم ڪيو ايم پوري طرح شريڪ آهي ۽ ان جا تمام ڪارڪن ۽ همدرد ان سانحي ۾ هلاڪ ٿيندڙ غير ملڪي سفيرن، انهن جي گهر وارن، انهن ملڪن جي عوام ۽ پاڪ فوج جي شهيد آفيسرن جي پونئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ دعاگو آهن ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن جي پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.