اي آر وائي نيوز جي پروگرام “ آف دي ريڪارڊ” جي پروڊيوسر عامر ملڪ جي ٽريفڪ حادثي ۾ هلاڪت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار۔
لنڊن؛ 8 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڊيره اسماعيل خان ۾ اي آر وائي نيوز جي پروگرام“ آف دي ريڪارڊ” جي پروڊيوسر عامر ملڪ جي ٽريفڪ حادثي ۾ هلاڪت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن مرحوم جي تمام سوگوار پونئرن، اي آر وائي نيوز ۽ ٻين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.