Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

هيلي ڪاپٽر ڪريش ليڊنگ جي حادثي ۾ غير ملڪي سفيرن ۽ انهن جي گهر وارين جي هلاڪت ۽ زخمي ٿيڻ تي فلپائن، ملائشيا، ناروي ۽


هيلي ڪاپٽر ڪريش ليڊنگ جي حادثي ۾ غير ملڪي سفيرن ۽ انهن جي گهر وارين جي هلاڪت ۽ زخمي ٿيڻ تي فلپائن، ملائشيا، ناروي ۽
 Posted on: 5/7/2015 1
هيلي ڪاپٽر ڪريش ليڊنگ جي حادثي ۾ غير ملڪي سفيرن ۽ انهن جي گهر وارين جي هلاڪت ۽ زخمي ٿيڻ تي فلپائن، ملائشيا، ناروي ۽ انڊونيشيا جي حڪومتن، عوام ۽ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 8 مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين گلگت بلتستان جي وادي نلتر ۾ هيلي ڪاپٽر جي ڪريش ليڊنگ جي حادثي ۾ ناروي ۽ فلپائن جي سفيرن ۽ ملائشيا ۽ انڊونيشيا جي سفيرن جي گهر وارين جي هلاڪت ۽ ٻين جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن فرمايو ته هيلي ڪاپٽر جي ڪريش ليڊنگ جي حادثي ۾ غير ملڪي سفيرن ۽ انهن جي گهر وارين جو هلاڪ ٿيڻ سمورن پاڪستانين جي لاءِ وڏي صدمي جو ڪارڻ آهي ۽ ان حادثي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان جي تلافي نا ممڪن آهي. انهن ناروي، فلپائن، ملائشيا ۽ انڊونيشيا جي حڪومتن ، عوام ۽ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن ۽ هر پاڪستاني اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. انهن ڪريش ليڊنگ ۾ زخمي ٿيندڙ مهمانن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. 

7/17/2024 11:52:06 AM