Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي تحت برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر جارج گيلوي جي بيان جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران وڏو احتجاجي مظاهرو.


ايم ڪيو ايم جي تحت برطانوي  پارليامينٽ جي ميمبر جارج گيلوي جي بيان جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران وڏو احتجاجي مظاهرو.
 Posted on: 5/7/2015 1
ايم ڪيو ايم جي تحت برطانوي  پارليامينٽ جي ميمبر جارج گيلوي جي بيان جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران وڏو احتجاجي مظاهرو.
هڪ جارج گيلوي برطانيه ۾ آهي۽ جڏهن ته ٻيو جارج گيلوي پاڪستان ۾ رهي ٿو. ڊاڪٽر فاروق ستار.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ٽئين وڏي جماعت آهي جنهن جو ماضي حال ۽ مستقبل پاڪستان سان جڙيل آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، قمر منصور ۽ حيدرعباس رضوي.
ڪراچي؛ 7 مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته هڪ جارج گيلوي برطانيه ۾ آهي ۽ ٻيو جارج گيلوي پاڪستان ۾ رهي ٿو. اهو ڪوئي ماڻهو نه بلڪه شرم جو نالو آهي جيڪو پنهنجن مخالفن تي ڪوڙا، بي بنياد ۽ شر انگيز الزام لڳائي ٿو جڏهن ته انهن جو ماضي مڪاري ۽ عياري ۾ گذريو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن جارج گيلوي جي بيان جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران هڪ وڏي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. جنهن ۾ هزارين ڪارڪنن ۽ همدردن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي حق پرست سينيٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر به موجود هئا. مظاهري کي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، قمر منصور ۽ حيدر عباس رضوي به خطاب ڪيو. ڊاڪٽر فاروق ستار خطاب ڪندي چيو ته جارج گيلوي چونڊ مهم ۾ پاڪستانين کي ورهائڻ جي مڪروھ سازش ڪئي آهي. اهو شخص ٽيبل اسٽوري جي ذريعي ماڻهن تي من گهڙت الزام لڳائي ۽ ڏڦيڙ ڦيلائي ڪري ووٽ حاصل ڪرڻ چاهي 
ٿو. جيڪا وڏي قابل مذمت ڳالھ آهي. انهن چيو ته اسان ڪراچي ۾ تعينات برطانوي ڊپٽي هائي ڪمشنر جي ذريعي جارج گيلوي جي طرفان مني لارڊنگ جي حوالي سان ڪئي ويندڙ ڳالهين تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ته اڃان تائين فيصلو نه آيو آهي ته اسڪاٽ لينڊ جي ڪهڙي ذريعي انهن کي اها اطلاع ڏني جو هو مني لارڊنگ جو الزام جناب الطاف حسين تي ٿوپي رهيو آهي. برطانوي اعلٰي حڪام ان ڳالھ جو نوٽس وٺن ۽ جارج گيلوي جي خلاف تحقيقات ڪرائي انهن کي ووٽن ۾ نااهل قرار ڏين. انهن چيو ته ٽارگيٽڊ آپريشن کان پوءِ اسان جا هن مهل تائين 300 کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ڪيا ويا آهن، اسان سينيٽ ۾ ٽئين ۽ قومي اسيمبلي ۾ چوٿين وڏي جماعت آهيون، ان جي باوجود اسان جو ميڊيا ٽرائل ٿي رهيو آهي. جيڪو سٺو عمل نه آهي. انهن چيو ته جناح پور کان بدترين الزام اسان تي نه ٿو لڳائي سگهجي. انهن چيو ته  پوليس جو هڪ ٽچو ايس پي جيڪو زمينن تي قبضن ۽ ٻين ڪيترن ئي غلط ڪمن ۾ ملوث آهي اهو ايم ڪيو ايم تي ملڪ دشمني جو الزام لڳائي رهيو آهي. مان انهن کي آفيسر تڏهن مڃيندس جڏهن اهو ٽچو آفيسر ذوالفقار مرزٰي کي گرفتار ڪندو. رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته برطانيه کي جمهوريت جي امڙ چيو وڃي ٿو، برطانوي حڪام نظر رکن ته ڪوئي چونڊ مهم جي دوران اوهان جي قانون جون ڌڄيون ته نه اڏائي رهيو آهي. برطانوي حڪومت ان ڳالھ تي به نظر رکي ته ڪٿي جارج گيلوي جي اليڪشن مهم ۾ پاڪستان جي ڪنهن ڪينسر اسپتال جا عطيات ته خرچ نه ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور چيو ته هاڻي اسان کي حب الوطني جو سرٽيفيڪيٽ وٺڻو پوندو، ڪجھ ماڻهو اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ دشمني جو طعنو ڏيئي رهيا آهن. ميڊيا تي جي آئي ٽيز ڏيکاري ڪري اسان جي تذليل ڪئي پئي وڃي. انهن چيو ته اسان پنهنجي اتحاد جي ذريعي تمام سازشن ۽ ملڪ  دشمنن جو مقابلو ڪنداسين. انهن وڌيڪ چيو ته اسان سمورن قومي سلامتي جي ادارن ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جو دل سان احترام ڪريون ٿا. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر حيدر عباس رضوي چيو ته ايم ڪيو ايم جو ماضي، حال ۽ مستقبل پاڪستان سان جڙيل آهي .انهي پاڪستان جي لاءِ اسان جي ابن ڏاڏن 20 لک جانين جي قرباني ڏني ۽ سقوط ڍاڪا جي وقت به 7 لک جانيون ڏنيون هيون. انهن چيو ته اسان نه ته ڪالھ پاڪستان تي سمجهوتو ڪيو هو ۽ نه آئنده ڪنداسين. مظاهري کي عارف ايڊووڪيٽ ۽ رئوف صديقي به خطاب ڪيو. 

7/17/2024 11:08:37 AM