Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي خواجه سهيل منصور ڪرپشن ۽ ڀتا خوري جو الزام عائد ڪرڻ تي ٽي وي چينل جي خلاف هڪ ارب روپين جي هرجاڻي جو نوٽس جاري ڪري ڇڏيو.


ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي خواجه سهيل منصور ڪرپشن ۽ ڀتا خوري جو الزام عائد ڪرڻ تي ٽي وي چينل جي خلاف هڪ ارب روپين جي هرجاڻي جو نوٽس جاري ڪري ڇڏيو.
 Posted on: 5/7/2015 1
ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي خواجه سهيل منصور ڪرپشن ۽ ڀتا خوري جو الزام عائد ڪرڻ تي ٽي وي چينل جي خلاف هڪ ارب روپين جي هرجاڻي جو نوٽس جاري ڪري ڇڏيو.
ڪراچي؛ 7 مئي 2015 
          متحده قومي موومينٽ جي ميمبر قومي اسيمبلي خواجه سهيل منصور پاڻ تي ڪرپشن ۽ ڀتا خوري جو الزام عائد ڪرڻ تي ٽي وي چينل جي خلاف هڪ ارب روپين جي هرجاڻي جو نوٽس جاري ڪري ڇڏيو آهي. واضع رهي ته ڪجھ ٽي وي چينلن تي نشر ٿيندڙ خبر ۾ انڪم ٽيڪس جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي خلاف ڀتي جو الزام لڳائڻ سان گڏو گڏ خواجه سهيل منصور تي به واپارين کان ڀتي وٺڻ ۽ انڪم ٽيڪس ۾ غير قانوني ڀرتين ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو. خواجه سهيل پنهنجي وڪيل جي ذريعي ان ٽي وي چينل کي هڪ ارب روپين جي هرجاڻي جو نوٽس جاري ڪري ڇڏيو آهي.  نوٽس ۾ چيو ويو آهي ته خواجه سهيل منصور هڪ وڏا واپاري ۽ صنعتڪار آهن. جن کي ٻيو ڀيرو قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو آهي. اهي قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي برائي ناڻي جا چيئرمين به رهيا ۽ هن وقت اهي دفاعي پيداوار جي قائمه ڪميٽي جا چيئرمين آهن. خواجه سهيل کي  2007 ۾ پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪرڻ ۽ پاڪستان جي لاءِ انهن جي خدمتن جي اعتراف تي حڪومت پاڪستان جي طرفان ستاره امتياز سان به نوازيو ويو هو. پر 5 مئي تي نشر ٿيندڙ خبر ۾ ته انهن انڪم ٽيڪس ڪراچي ۾ 300 انڪم ٽيڪس  انسپيڪٽر ڀرتي ڪرايا آهن ۽ انهن تي واپارين کان ڀتي وٺڻ جو الزام به لڳايو ويو هو. اهڙي طرح انهن جي شهرت کي نقصان پهچايو ويو. خواجه سهيل ان ڪردار ڪشي ڪرڻ تي لاڳاپيل ٽي وي چينل کي نوٽس جاري ڪيو آهي ته اهو چينل ٽن ڏينهن جي اندر ڪوڙي ۽ بي بنياد خبر نشر ڪرڻ تي غير مشروط طور تي معافي وٺي نه ته انهن تي هڪ ارب روپين جي هرجاڻي جي وصولي جي لاءِ قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. خواجه سهيل انهن جي باري ۾ ڪوڙي ۽ بي بنياد خبر ڏيڻ تي ٻين ٽي وي چينلن ۽ اخبارن جي خلاف به قانوني ڪاروائي جي تياري ڪري رهيا آهن. 

7/17/2024 11:13:55 AM