بوري والا ۾ وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف جي لاءِمنعقد ٿيندڙ تقريب ۾ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن جي طرفان اي آر وائي نيوز چينل جي ڪيمره مين کي تشدد جو نشانو بڻائڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 6 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي بوري والا ۾ وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف جي لاءِ منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن جي طرفان اي آر وائي نيوز چينل جي ڪيميره مين کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته صحافت جي معزز شعبي سان وابسته ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ کليل غنڊه گردي ۽ بدمعاشي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته اي آر وائي نيوز چينل جي ڪيميره مين کي تشدد جو نشانو بڻائڻ آزادي صحافت تي داغ لڳائڻ جي برابر آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف،وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اطلاعات پرويز رشيد کان مطالبو ڪيو ته اي آر وائي نيوز جي ڪيميره مين کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جو سختي سان نوٽس ورتو وڃي ۽ تشدد ۾ ملوث ڪارڪنن جي خلاف قانون جي مطابق سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي.