Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 5/6/2015 1
ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 6 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 106 سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سرڪاري اهلڪارن اڱاري جي رات 30 ؛9 وڳي ايم ڪيو ايم شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 106 جي يونٽ آفيس تي ڇاپو هڻي ڪري اتي موجود يونٽ انچارج خليل احمد، يونٽ ڪميٽي ميمبر دل محمد، ڪارڪنن طارق، نفيس ۽ حنيف کي گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح نارٿ ناظم آباد يونٽ 175 جي سرڪل انچارج عامر مجيد، ڪارڪنن فيضان الله آفندي، عاصم مبين، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 77 جي ڪارڪن عمران ياسين، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 69 جي ڪارڪن محمد شڪيل عادل، قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر يونٽ 125 جي ڪارڪن عاصم آفتاب، بلديه ٽائون سيڪٽر يونٽ 112 سي جي ڪارڪنن شاهنواز، نقاش ۽ بلديه ٽائون يونٽ 112 بي جي ڪارڪن فيصل انصاري کي انهن جي گهر کان گرفتار ڪري ورتو. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي باري ۾ سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ڪنهن به قسم جي ڄاڻ فراهم نه پئي ڪئي وڃي جنهن جي ڪري انهن جا گهر وارا سخت پريشان آهن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪرائين ۽ گرفتار ٿيلن تي جيڪڏهن ڪوئي مقدمو نه آهي ته انهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. 

6/30/2024 7:36:51 AM