ميجر جنرل احتشام ضمير جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
لنڊن؛ 6 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين قومي سلامتي جي اداري جي سابق ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل احتشام ضمير جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته جنرل احتشام ضمير ملڪ جي لاءِ وڏيون خدمتون انجام ڏنيون آهن جن کي ياد رکيو ويندو. انهن جي وفات سان جيڪي خلا پيدا ٿيو آهي اهو ڀري نه ٿو سگهجي. جناب الطاف حسين جنرل احتشام ضمير مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن َ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.