Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شاھ محمود قريشي جي طرفان جناب الطاف حسين تي بهتان تراشي ڪرڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


شاھ محمود قريشي جي طرفان جناب الطاف حسين تي بهتان تراشي ڪرڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 5/6/2015 1
شاھ محمود قريشي جي طرفان جناب الطاف حسين تي بهتان تراشي ڪرڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڇا عمران خان اهو نه چيو هو ته جيڪڏهن 20 هزار ماڻهو روڊن تي نڪري اچن ته انهن جنرلن جو مُٽ وهي وڃي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 6 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي تحريڪ انصاف جي رهنما شاھ محمود قريشي جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي بهتان تراشي ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪڏهن به پاڪ فوج جي جنرلن کي بزدل نه چيو آهي. شاھ محمود قريشي هڪ سياسي رهنما آهن ۽ انهن کي منافقت جو مظاهرو ڪرڻ نه ٿو ڀانئي. شاھ محمود قريشي قوم کي ٻڌائين ته انهن جي پاڪ فوج سان عقيدت ۽ محبت ان وقت ڪٿي هئي جڏهن انهن جي جماعت جا سربراھ عمران خان فوج جي جنرلن کي بزدل چئي رهيا هئا؟ اهڙي طرح شاھ محمود قريشي جي غيرت ڪهڙي تلاء ۾ غوطا کائي رهي هئي جو جڏهن عمران خان چئي رهيا هئا ته جيڪڏهن 20 هزار ماڻهو روڊن تي نڪري اچن ته انهن جنرلن جو مُٽ وهي وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته جڏهن جماعت اسلامي جي سابق امير سيد منور حسن ۽ وزير دفاع خواجه آصف فوج جي تذليل ڪري رهيا هئا ۽ فوجي جنرلن جي باري ۾ شر انگيز ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته ان وقت شاھ محمود قريشي جي غيرت ڪٿي هئي. جيڪڏهن شاھ محمود قريشي کي پاڪ فوج سان ايتري ئي محبت آهي ته اهي قوم کي ٻڌائين ته فوج جي خلاف شر انگيز تقريرن ڪرڻ تي عمران خان ، خواجه آصف ۽ منور حسن جي خلاف ڪهڙي اسيمبلي ۾ مذمت جون قراردادون پيش ڪيون ويون ؟ رابطا ڪميٽي چيو ته شاھ محمود قريشي وڏي شوق سان جناب الطاف حسين جي بيان جي خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪن پر مڪر و فريب ۽ ڪوڙ جي ذريعي نه ته فوج ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ ڏار وجهي سگهجن ٿا ۽ نه ئي اهي عوام کي گمراھ ڪري سگهن ٿا. 

7/17/2024 11:16:54 AM