Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪجھ ميڊيا چينلن تي نشر ٿيندڙ خبر ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي خواجه سهيل منصور تي لڳايل الزام قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ڪجھ ميڊيا چينلن تي نشر ٿيندڙ خبر ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي خواجه سهيل منصور تي لڳايل الزام قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 5/5/2015 1
ڪجھ ميڊيا چينلن تي نشر ٿيندڙ خبر ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي خواجه سهيل منصور تي لڳايل الزام قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
خواجه سهيل منصور هڪ سينيئر ۽ معزز صنعتڪار آهن جيڪي باقائده هر سال انڪم ٽيڪس به ادا ڪن ٿا. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 5 مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪجھ ميڊيا چينلن تي نشر ٿيندڙ خبر ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي خواجه سهيل منصور تي لڳايل الزامن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته خواجه سهيل منصور ايم ڪيو ايم جا ميمبر قومي اسيمبلي ئي نه پر هڪ سينيئر ۽ معزز صنعتڪار به آهن جيڪي باقائده هر سال پنهنجي آمدني تي انڪم ٽيڪس به ادا ڪن ٿا. انهن کي پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪرڻ واري قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان وفاق پاڪستان جي طرفان ستاره امتياز سان به نوازيو ويو هو. خواجه سهيل منصور تي ڪرپشن جو ڪوئي به داغ نه آهي. اهي هڪ سيلف ميڊ بزنس مين آهن ۽ انهن پنهنجي سالن جي ڏينهن رات جي محنت سان پنهنجي ڪاروبار کي وسيع ڪيو. پنهنجي محنت ۽ ايمانداري جي ڪري اهي ڪيترن ئي ادارن جا بورڊ آف ٽرسٽي ۽ بورڊ جا ميمبر به رهيا. انهن جي قانون پسندي اها آهي ته انهن جي خلاف اڄ تائين موٽر سائيڪل جو چالان به نه ٿيو. اهڙي صاف ۽ سٿري ڪردار جي مالڪ تي واپارين کان ڀتي وٺڻ جو الزام عائد ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ ئي نه بلڪه قابل مذمت به آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ان الزام تراشي جي ذريعي خواجه سهيل منصور کي بدنام ڪرڻ ۽ انهن جي ڪردار ڪشي جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ خواجه سهيل ان الزام تراشي ۽ ڪردار ڪشي تي قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو حق به محفوظ رکن ٿا.

7/17/2024 11:01:59 AM