انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي يونٽ آفيس، ذميوارن ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي خواجه سهيل تي لڳايل الزامَ سراسر من گهڙت ۽ بي بنياد آهن. ايم ڪيو ايم ترجمان.
ڪراچي؛ 5 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ جي ترجمان ڪجھ ميڊيا چينلن تي نشر ٿيندڙ هڪ خبر ۾ انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي يونٽ آفيس، ذميوارن ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي خواجه سهيل تي لڳايل الزامن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي ۽ انهن کي من گهڙت ۽ بي بنياد قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته اڄ ميڊيا تي نشر ٿيندڙ ان خبر ۾ لڳايل الزامن ۾ ڪائي به صداقت نه آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته اها خبر ميڊيا ٽرائل جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهي. ترجمان چيو ته تحقيق ، تفتيش ۽ شاهدين کان سواءِ ڪنهن به سياسي جماعت، ان جي آفيس، ان جي چونڊيل نمائندن يا ذميوارن تي الزام هڻڻ جو اهو عمل ڪنهن به طرح درست ۽ جائز نه آهي.