Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي برائي دفاع ۽ پنجاب اسيمبلي جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف قراردادن تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي برائي دفاع ۽ پنجاب اسيمبلي جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف قراردادن تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 5/5/2015 1
قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي برائي دفاع ۽ پنجاب اسيمبلي جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف قراردادن تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن؛ 5 مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي برائي دفاع  ۽ پنجاب اسيمبلي جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف قراردادن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي برائي دفاع جي ميمبرن ۾ ذري برابر به غيرت ۽ شرم آهي ته اهي جواب ڏين ته انهن هن مهل تائين عمران خان جي خلاف ڪا قرارداد منظور ڇو نه ڪئي ،  جنهن واضع لفظن ۾ چيو هو ته جيڪڏهن 20 هزار ماڻهو روڊن تي نڪري اچن ته هنن جنرلن جو پيشاب نڪري اچي، اهي جنرل ايترا ته بزدل هوندا آهن. ڇا عمران خان جو جنرلن کي گاريون ڏيڻ ۽ انهن کي بزدل چوڻ جائز آهي. عمران خان جي ان بيهوده تقرير تي قائمه ڪميٽي برائي دفاع ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي غيرت ڪٿي آهي. عمران خان جي جنرلن جي خلاف تقرير تي انهن جي فوج سان محبت ڪيڏانهن وئي. رابطا ڪميٽي سوال ڪيو ته قائمه ڪميٽي برائي دفاع جواب ڏيئي ته ان موجوده وزير دفاغ خواجه آصف جي خلاف ڪهڙي قرارداد منظور ڪئي جنهن قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ فوج جي خلاف انتهائي بيهوده ۽ چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪئي هئي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقرير تي پنهنجي نفرت ۽ تعصب جو مظاهرو ڪرڻ واري قائمه ڪميٽي ۽ پنجاب اسيمبلي جماعت اسلامي جي سابق امير منور حسن جي خلاف ڪهڙي قرارداد منظور ڪئي، جن فوج ۽ سرڪاري ايجنسين جي خلاف بيهوده خيالن جو اظهار ڪيو هو. رابطا ڪميٽي چيو ته اڄ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقرير تي واويلا مچائڻ وارن کي نه ڪالھ فوج جي عزت جو خيال هو ۽ نه اڄ آهي. بلڪه اهي تمام ماڻهو ته صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم سان پنهنجي ازلي نفرت ۽ تعصب جي بنياد تي اهو سڀ ڪجھ ڪري رهيا آهن. 

7/17/2024 11:49:56 AM