Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائدتحريڪ جناب الطاف حسين ڪڏهن به فوجي جنرلن کي بزدل نه چيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


قائدتحريڪ جناب الطاف حسين ڪڏهن به فوجي جنرلن کي بزدل نه چيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 5/5/2015 1
قائدتحريڪ جناب الطاف حسين ڪڏهن به فوجي جنرلن کي بزدل نه چيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
عمران خان جي ويڊيو موجود آهي جنهن ۾ انهن چيو هو ته جيڪڏهن 20 هزار ماڻهو روڊن تي نڪري اچن ته انهن جنرلن جو مٽ وهي اچي، اهي جنرل ايترا ته بزدل هوندا آهن.رابطا ڪميٽي.
لنڊن؛ 5 مئي 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بيان تي واويلا مچائڻ وارا اينڪر پرسن ۽ تجزيه نگار تعصب ۽ نفرت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ٽي وين جا اينڪر پرسن ۽ تجزيه نگار تعصب ۽ نفرت جو مظاهرو ڪندي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بيان تي جيترو به چاهين واويلا مچائين پر اهي قوم کي جواب ڏين ته تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان جي طرفان پاڪ فوج کي گاريون ڏيڻ تي انهن جون زبانون ڇو خاموش آهن؟ رابطا ڪميٽي چيو ته وڊيو ثبوت جي صورت ۾ عمران خان جو اهو بيان ريڪارڊ تي موجود آهي. جنهن ۾ انهن چيو هو ته جيڪڏهن 20 هزار ماڻهو روڊن تي نڪري اچن ته انهن جنرلن جو مُٽ وهي اچي، اهي جنرل ايترا ته بزدل هوندا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته جناب الطاف حسين ڪڏهن به ڪنهن جنرل کي بزدل نه چيو آهي پر پاڪ فوج جي خلاف عمران خان جا شرانگيز خيال پوري قوم جي سامهون آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته جنرلَ پوري فوج جا نمائندا هوندا آهن ۽ تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان جنرلن کي بزدل قرار ڏيئي ڪري پوري پاڪستاني فوج کي گاريون ڏنيون پر ڪنهن به اينڪر پرسن ۽ تجزيه نگار ۾ ايتري همت نه ٿي جو اهي پاڪ فوج جي خلاف عمران خان جي نفرت انگيز بيان جو نوٽس وٺن ۽ انهن جي خلاف احتجاج ڪن. 

7/17/2024 11:10:15 AM