Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خيبر پختونخواھ جي اسيمبلي ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقرير جي خلاف مذمتي قرارداد قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


خيبر پختونخواھ جي اسيمبلي ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقرير جي خلاف مذمتي قرارداد قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 5/4/2015 1
خيبر پختونخواھ جي اسيمبلي ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقرير جي خلاف مذمتي قرارداد قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
خيبرپختونخواھ جي اسيمبلي جا ميمبر ته منور حسن جي خلاف قرارداد آڻين ها جن پنهنجي تقرير ۽ انٽرويو ۾ پاڪ فوج جي باري ۾ توهين وارن خيالن جو اظهار ڪيو هو.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 4 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن خيبرپختونخواھ جي اسيمبلي ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقرير جي خلاف مذمتي قرارداد جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته خيبرپختونخواھ اسيمبلي جي ميمبرن کي جيڪڏهن واقعي فوج سان ڪائي همدردي هجي ها ته اهي سڀني کان پهرين عمران خان جي خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪن ها جن فوج جي جنرلن کي بزدل چيو هو ۽ انهن جي تقرير وڊيو جي صورت ۾ ريڪارڊ تي موجود آهي. جنهن ۾ انهن اهو به چيو هو ته جيڪڏهن 20 هزار ماڻهو روڊن تي نڪري اچن ته انهن جنرلن جو مُٽ وهي اچي. ڪي پي ڪي جا ميمبر جماعت اسلامي جي سابق امير منور حسن جي خلاف قرارداد آڻين ها جن پنهنجي تقرير ۽ انٽرويو ۾ پاڪ فوج جي باري ۾ توهين وارا لفظ چيا هئا. جيڪڏهن ڪي پي ڪي جي ميمبرن ۾ ذري برابر به غيرت هجي ها ته اهي سڀني کان پهرين عمران خان، منور حسن ۽ طالبان جي خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪن ها، طالبان دهشت گردن جي خلاف آواز اٿارين ها جن پاڪ فوج جي جنرلن کي شهيد ڪيو، پاڪ فوج ۽ ايف سي جي آفيسرن ۽ جوانن جون منڍيون لاٿيون، انهن جي منڍين سان فٽبال کيڏيا، جن شاگردياڻين جي اسڪولن کي بمن سان اڏايو، جن ملاله يوسف زئي ۽ انهن جهڙين ٻين معصوم شاگردياڻين کي رت ۾ وينجهاريو. جن مسجدن، امام بارگاهن، اسڪولن، سول ۽ فوجي تنصيبات کي بمن سان اڏايو پر ڪي پي ڪي جي اسيمبلي ميمبرن کي فوج کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ وارن طالبان دهشت گردن جي خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪرڻ جي جرت نه ٿي ۽ تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جا ميمبر ته فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جون منڍيون لاهڻ وارن طالبان دهشت گردن جي کلي عام حمايت به ڪندا رهيا. انهن جي ان ٻٽي پاليسي مان صاف ظاهر آهي ته انهن کي فوج جي عزت ۽ وقار جو ڪوئي به خيال نه آهي بلڪه انهن جو واويلا صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم ۽ مهاجرن جي خلاف نفرت ۽ تعصب جي بنياد تي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته باچا خان جيڪي عدم تشدد جا داعي هئا ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين باچا خان جي عدم تشدد جي فڪر و فلسفي جي تحت ئي جدوجهد ڪري رهيا آهن پر اڄ ڪي پي ڪي اسيمبلي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف مذمتي قرارداد منظور ڪري باچا خان ۽ ولي خان جي روحن ۽ صوبي جي عوام کي شرمنده ڪري ڇڏيو آهي. 

7/17/2024 10:54:05 AM