سائيٽ جي فيڪٽري ۾ باھ لڳڻ جي ڪري عورتن سميت ڪجھ ماڻهن جي سڙي ڪري زخمي ٿيڻ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
ڪراچي؛ 4 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سائيٽ جي فيڪٽري ۾ باھ لڳڻ جي واقعي ۾ عورتن سميت ڪجھ ماڻهن جي سڙي ڪري زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته شهر ۾ ان کان اڳ به فيڪٽرين ۾ باھ لڳڻ جا واقعا ٿي چڪا آهن پر انهن جي روڪٿام جي لاءِ ڪي به مثبت قدم نه کنيا ويا آهن. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته سائيٽ جي فيڪٽري ۾ باھ لڳڻ جي واقعي جي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. رابطا ڪميٽي ان واقعي ۾ سڙي ڪري زخمي ٿيندڙ ماڻهن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي انهن کي جلد کان جلد صحت و تندرستي عطا فرمائي.آمين.