نادرن بائي پاس تي واٽر ٽينڪر جي هيٺان اچي ڪري 7 ٻارن جي هلاڪ ٿيڻ جي دردناڪ واقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
ڪراچي؛ 4 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي نادرن بائي پاس تي واٽر ٽينڪر جي هيٺان اچي ڪري 7 ٻارن جي هلاڪت جي دردناڪ واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته 7 ٻارن جو واٽر ٽينڪر جي هيٺان اچي ڪري هلاڪ ٿيڻ جو واقعو وڏو دردناڪ آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته ڪالھ به گلشن معمار جي علائقي ۾ ٽرڪ جي هيٺان اچي ڪري ٻه معصوم شاگرد هلاڪ ٿي ويا هئا ۽ اڄ وري 7 ٻارن جي هلاڪت جو واقعو هر هڪ ماڻهو جي لاءِ وڏي ڏک جو ڪارڻ آهي. رابطا ڪميٽي هلاڪ ٿيندڙ ٻارن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙ ٻارن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي . آمين.