Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عمران خان کي جناح گرائونڊ ڪراچي آمد تي اڳواٺ ئي ڀليڪار چوان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


عمران خان کي جناح گرائونڊ ڪراچي آمد تي اڳواٺ ئي ڀليڪار چوان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/8/2015 1
عمران خان کي جناح گرائونڊ ڪراچي آمد تي اڳواٺ ئي ڀليڪار چوان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سياسي جماعتن کي سياسي ۽ نظرياتي اختلاف رکڻ جي باوجود هڪ ٻئي جي لاءِ برداشت جو جذبو به رکڻ گهرجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 8 اپريل 2015 
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان کي جناح گرائونڊ ڪراچي آمد تي اڳواٺ ئي ڀليڪار چوندي فرمايو آهي ته سياسي جماعتن کي سياسي ۽ نظرياتي اختلاف رکڻ جي باوجود هڪ ٻئي جي لاءِ برداشت جو جذبو به رکڻ گهرجي ۽ ڪنهن کي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ٽارگيٽ نه ڪرڻ گهرجي.اها ڳالھ انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ميوزيڪل پروگرام جي شرڪاء کي خطاب ڪندي ڪئي. ميوزيڪل پروگرام ۾ ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ٻڌو آهي ته عمران خان جناح گرائونڊ تشريف آڻي رهيا آهن ۽ شهيدن جي يادگار تي شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ فاتحه خواني به ڪندا، ته مان انهن کي ڪراچي آمد تي ڀليڪار چوان ٿو.جناب الطاف حسين فرمايو ته تمام تر سياسي ۽ نظرياتي اختلافن جي باوجود اسان کي هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جو جذبو به رکڻ گهرجي ۽ ڪنهن کي پسند ۽ ناپسند تي ٽارگيٽ نه ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح ئي صحت مند جمهوريت فروغ پائي سگهي ٿي. جناب الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر لياقت آباد ۽ فيڊرل بي ايريا جي مردن کي اپيل ڪئي ته اهي 23 هين اپريل تي ننڍي چونڊ ۾ پنهنجين گهر جي عورتن جي لاءِ ناشتو تيار ڪن ۽ انهن کي ووٽ وجهڻ جي لاءِ موڪلين ۽ ان 
کان پوءِ اهي مرد حضرات ووٽ وجهڻ جي لاءِ وڃن. انهن فرمايو ته اها حقيقت آهي ته ڪوئي ڪنهن سان زبردستي پيار ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن کان زبردستي پيار ڪرائي سگهي ٿو ۽ نه ئي زبردستي ڪنهن کي پسند ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو. انهن فرمايو ته اڄ پنڊال ۾ موجود عورتن ۽ ٻارڙن جا چهرا خوشي سان ٻهڪي رهيا آهن. اهڙا خوشي جا اثر ڪڏهن ڪڏهن ئي انسانن جي چهرن تي نمايان ٿيندا آهن. ڇو ته انساني زندگي ۾ ڏک، تڪليفون ۽ پريشانيون وڌيڪ ۽ خوشيون گهٽ ئي هونديون آهن. انهن وڌيڪ فرمايو ته دنيا ڏسي وٺي ته اڄ پنڊال ۾ موجود امڙين، ڀينرن ۽ ٻارڙن جي چهرن تي خوشي ۽ محبت جا اثر صرف انهن جي الطاف ڀاءُ جي لاءِ ئي آهن جيڪي دنيا جي ڪنهن به جلسي ۾ نظر نه ايندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن 23 هين اپريل تي پرزائيڊنگ آفيسر جي سامهون بيلٽ باڪس کلندا ته الطاف ڀاءُ سان پيار ڪرڻ وارن جي ووٽ جون پرچيون دوهين ۽ برسات وانگر هر دٻي مان نڪرنديون ۽ انهي ڏينهن مون سان پيار ڪرڻ وارين امڙين، ڀينرن ، بزرگن ۽ نوجوانن جي فتح ٿيندي. . ان فتح کان پوءِ ماڻهو سڌا نائن زيرو ايندا ۽ اسان سڀ گڏجي ڪري فتح جو جشن ملهائينداسين. انهن عوام کي چيو ته مخالف ڀلي ڪيترائي جلسا ڪن انهن کي ڪرڻ ڏيو اوهان پنهنجي ڪم تي توجه ڏيو. انهن فرمايو ته جڏهن مان سياست شروع ڪئي هئي ته هي شعر پڙهيو هو 
ان کا جو ڪام هي وه اهل سياست جانين
ميرا پيغام محبت هي جهان تڪ پهنچي
انهن فرمايو ته سنڌ سان تعلق هجڻ جي ناطي مان سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي جو اهو شعر به پڙهان ٿو.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
جنهن جو ترجمو آهي؛ اي الله سائين تو سنڌ کي آباد ڪر ۽ ان سان گڏوگڏ پوري عالم ۾ به امن ۽ سڪون ڪر. اهوئي پيغام اسان جو آهي. اهو ئي سبب آهي ته ان علائقي ۾ مسلمان ئي نه بلڪه هندو، سک، عيسائي، احمدي ۽ جيترن به مذهبن ۽ عقيدن جا ماڻهو رهن ٿا اهي سڀ حق پرستن جي ڪاميابي جي لاءِ دعائون به ڪندا ۽ دوائون به ڪندا ۽ 23 اپريل تي لغڙ تي مهر لڳائڻ جي لاءِ پولنگ اسٽيشن به پهچندا. جناب الطاف حسين اجتماع ۾ فن جو مظاهرو ڪرڻ وارن فنڪارن ۽ آرڪسٽرا کي به شاباش ۽ خراج تحسين  پيش ڪيو ۽ انهن جي لاءِ دعا ڪندي فرمايو ته الله تعالٰي اوهان جي فن ۾ اضافو ڪري ، اوهان کي ترقي ڏي ۽ اوهان جي فن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏي.

7/17/2024 6:15:14 PM