Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس، ملڪ جي موجوده صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.


متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس، ملڪ جي موجوده صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
 Posted on: 5/3/2015 1
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس، ملڪ جي موجوده صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جي مختلف حصن ۾ غير ملڪي مداخلت تي ڳڻتي جو اظهار.
“ را ” بلوچستان، سنڌ، فاٽا ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ ڏڦيڙ ڦيلائي ڪري پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 3 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته ايم ڪيو ايم بانيان پاڪستان جي اولادن ۽ سڄي ملڪ جي عوام جي نمائنده جماعت آهي. جيڪا ملڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي ڇنيل حقن جي حصول ۽ پاڪستان جي بقا و سلامتي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ تمام تر ناانصافين ۽ ظلمن جي باوجود پاڪستان سان ايم ڪيو ايم جي محبت هر قسم جي شڪ کان بالاتر آهي. اجلاس ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي حاليه تقرير تي ڪجھ سياسي و مذهبي جماعتن جي طرفان بيهوده بيانن ۽ اسيمبلين ۾ مذمتي قراردادن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته اڄ جيڪي مخالف قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقرير تي بيجا تنقيد ڪري رهيا آهن. انهن مان گهڻڻ ئي مختلف موقعن تي فوج جي باري ۾ توهين وارا لفظ استعمال ڪيا، جن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ امن امان جي خراب صورتحال جو جائزو به ورتو ويو ۽ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جي مختلف حصن ۾ غير ملڪي مداخلت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته هڪ طرف ته غير ملڪي قوتون خصوصن ڀارتي خفيه ايجنسي“ را ” بلوچستان، سنڌ، فاٽا ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ مداخلت ڪري ڏڦيڙ ڦيلائي رهي آهي ۽ امن و امان جي صورتحال کي خراب ڪري پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي. جڏهن ته ٻئي طرف ڀارتي فوج جي طرفان لائن آف ڪنٽرول جي به خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. اجلاس ۾ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم تمام تر رڪاوٽن ۽ مخالفتن جي باوجود قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ قائد اعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي تعليمات جي مطابق پاڪستان کي روشن خيال، لبرل، جمهوري ۽ ترقي پسند رياست بڻائڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکندي ۽ انشاء الله تعالٰي هڪ ڏينهن ايندو جڏهن ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه ، وڏيراراڻه ۽ سرمائيداراڻه نظام جو انت ايندو ۽ پاڪستان دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿيندو.اجلاس جي آخر ۾ پاڪستان جي استحڪام، دهشت گردي جي خاتمي ۽ آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي جي لاءِ دعا به ڪئي وئي ۽ ان عزم کي ورجايو ويو ته پاڪستان جي سربلندي ۽ تحريڪي مشن و مقصد جي حصول جي لاءِ آخري ساھ تائين جدوجهد جاري رکي ويندي. 

6/30/2024 7:28:26 AM