Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نائن زيرو ملڪ جي ڪروڙين مظلومن جي اميدن جو واحد مرڪز آهي. ايم ڪيو ايم وسيم اختر.


نائن زيرو ملڪ جي ڪروڙين مظلومن جي اميدن جو واحد مرڪز آهي. ايم ڪيو ايم وسيم اختر.
 Posted on: 5/3/2015 1
نائن زيرو ملڪ جي ڪروڙين مظلومن جي اميدن جو واحد مرڪز آهي. ايم ڪيو ايم وسيم اختر.
نائن زيرو کي ڪيرائڻ جي شرانگيز ڳالهيون ڪرڻ واري عابد شير علي کي پنهنجي اوقات ۾ رهڻ گهرجي.وسيم اختر.
ڪراچي؛ 3 مئي 2015 
             ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي انچارج وسيم اختر مسلم ليگ ن جي وفاقي وزير مملڪت پاڻي و بجلي عابد شير علي جي شر انگيز بيان جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته نائن زيرو سڄي ملڪ جي ڪروڙين مظلومن جي اميدن جو واحد مرڪز آهي ۽ نائن زيرو کي ڪيرائڻ جون شرانگيز ڳالهيون ڪرڻ وارن کي پنهنجي اوقات ۾ رهڻ گهرجي. انهن چيو ته عابد شير علي اهو نه وسارين ته اهي فقط ميان نواز شريف سان مٽي مائٽي جي ڪري ئي وزير مملڪت بڻيا آهن نه ته انهن ۾ اهڙي ڪائي به صلاحيت نه هئي جو اهي وزير بڻجن ها.انهن کي ڪروڙين عوام جي چونڊيل نمائنده جماعت جي خلاف زهر اڳرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. وسيم اختر چيو ته ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ ڏوهاري ماڻهن جي ڳولا ڪرڻ جي بجاءِ حڪومت ان ڳالھ جي وضاحت ڪري ته گلوبٽ ۽ ان جهڙا دهشت گرد ڪنهن جي صفن ۾ موجود آهن. اڄ عابد شير علي ايم ڪيو ايم تي بهتان هڻي رهيا آهن پر جڏهن انهن جي پنهنجي ئي جماعت جي رهنما ۽ موجوده وفاقي وزير دفاع خواجه آصف قومي اسيمبلي ۾ پاڪ فوج جي خلاف شر انگيز تقريرون ڪري رهيا هئا ته ان وقت عابد شير علي جي غيرت ڪٿي هئي، وسيم اختر مسلم ليگ ن جي قيادت کي مشورو ڏنو ته عابد شير علي جي چڙ ڏياريندڙ بيان جو نوٽس وٺن ۽ ملڪ ۾ نفرت ۽ انتشار جي سياست ڦيلائڻ وارن جي زبان کي لگام ڏين.

7/17/2024 11:01:08 AM