جناب الطاف حسين جي طرفان دادو جي ويجهو خيرپور ناٿن شاھ ۾ ڄڃ سان ڀريل بس تي بجلي جي هائي ٽينشن تارون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 10 ڄاڃين جي هلاڪ ۽ ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 3 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين دادو جي ويجهو خيرپور ناٿن شاھ ۾ ڄڃ سان ڀريل بس تي بجلي جي هائي ٽينشن جون تارون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 10 ڄاڃين جي هلاڪ ۽ ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن فرمايو ته ڄڃ سان ڀريل بس ۾ ٿيندڙ اهو واقعو هر ماڻهو جي لاءِ صدمي جو ڪارڻ آهي. انهن ان دردناڪ حادثي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ڄاڃين جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين ان کان علاوه انهن زخمي ٿيندڙن جي لاءِ به دعا ڪئي.