Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين ۽ معروف دانشور۽ ليکڪ عبدالواحد آريسر جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.


جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين ۽ معروف دانشور۽ ليکڪ عبدالواحد آريسر جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
 Posted on: 5/3/2015 1
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين ۽ معروف دانشور۽ ليکڪ عبدالواحد آريسر جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
عبدالواحد آريسر سنڌ ڌرتي جي مفادن جو ڪڏهن به سودو نه ڪيو ۽ هميشه اصولن تي ڄميل رهيا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 3 مئي 2015 
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين ۽ معروف دانشور ۽ ليکڪ عبدالواحد آريسر جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين صوبي سنڌ ۽ ان جي غريب مظلوم سنڌين جي حقن جي لاءِ عبدالواحد آريسر جي جدوجهد کي ساراهيو ۽ انهن کي زبردست خراج  عقيدت به پيش ڪيو. انهن فرمايو ته عبدالواحد آريسر سنڌ ڌرتي جي مفادن جو ڪڏهن به سودو نه ڪيو ۽ هميشه اصولن تي ڄميل رهيا ۽ مرحوم پنهنجي تعليمات جو محور حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي کي بڻائي رکيو هو ۽ اهي عملي طور تي سنڌ ڌرتي جي مستقل رهاڪن جي اتحاد ۽ ڀائيچاري جي لاءِ ڪوشان رهيا. جناب الطاف حسين عبدالواحد آريسر مرحوم جي سوگوار پونئرن ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جي رهنمائن ، ڪارڪنن ۽ سمورن عقيدت مندن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. 

6/30/2024 7:37:00 AM