جناب الطاف حسين پنهنجن چاهڻ وارن کي سياست برائي خدمت جو درس ڏنو آهي. ڪنور نويد جميل.
ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ گلشن مصطفٰي 15 ۽ بلاڪ نمبر 12 فيڊرل بي ايريا ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب.
ڪراچي؛ 7 اپريل 2015
اين اي 246 جي حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل چيو آهي جناب الطاف حسين پنهنجن چاهڻ وارن کي سياست برائي خدمت جو درس ڏنو آهي. انهن خيالن اظهار انهن گلشن مصطفٰي بلاڪ 15 ۽ فيڊرل بي ايريا بلاڪ 12 ۾ الڳ الڳ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي ايم ڪيو ايم اليڪشن سيل جا ميمبر به انهن سان گڏ هئا.ڪنور نويد جميل چيو ته ايم ڪيو ايم کي جڏهن به موقعو مليو ته ان عوام جي وچ ۾ رهي ڪري ان جي خدمت ڪئي آهي ۽ انشاء الله تعالٰي آئينده به ڪندي رهندي. انهن چيو ته جيڪي جماعتون 2013 جي عام اليڪشن ۾ طالبان جي ڪلهن تي چڙهي ڪري آيون هيون اهي اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي تي قبضي ڪرڻ جو خواب ڏسي رهيون آهن. پر انهن کي اها خبر هجڻ گهرجي ته اهو شهر صرف ۽ صرف جناب الطاف حسين جي چاهڻ ۽ مڃڻ وارن جو آهي.