Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تحريڪ انصاف اشتعال انگيزي جي ذريعي اليڪشن کان ڀڄڻ چاهي ٿي. سيد حيدرعباس رضوي.


تحريڪ انصاف اشتعال انگيزي جي ذريعي اليڪشن کان ڀڄڻ چاهي ٿي. سيد حيدرعباس رضوي.
 Posted on: 4/7/2015 1
تحريڪ انصاف اشتعال انگيزي جي ذريعي اليڪشن کان ڀڄڻ چاهي ٿي. سيد حيدرعباس رضوي.
23 هين اپريل تي عوام وڏي تعداد ۾ جناب الطاف حسين جي نامزد ڪيل اميدوار ڪنور نويد جميل کي ڪامياب ڪرائيندا.
ننڍي چونڊ جي حوالي سان ڪجھ تجزيه نگارن کي اين اي 246 ۾ شامل علائقن جي به ڄاڻ  نه آهي. فيصل سبز واري.
جناح گرائونڊ ۾ قائم مرڪزي اليڪشن ڪيمپ تي پريس بريفنگ.
ڪراچي؛ 7 اپريل 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد حيدر عباس رضوي چيو آهي اين اي 246 جي عوام کي 23 هين اپريل جي ڏينهن جو انتظار آهي. جڏهن اليڪشن ايم ڪيو ايم جي فتح تي مهر هڻي ڇڏيندا.انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اليڪشن ڪيمپ تي ميڊيا جي نمائندن کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جو جوائنٽ انچارج ڪهف الورٰي ۽ فيصل سبز واري به موجود هئا.حيدرعباس رضوي چيو ته هر کٽڻ واري جماعت وانگر ايم ڪيو ايم به اهو چاهي ٿي ته اين اي 246 ۾ اليڪشن پرامن ، غيرجانبدار ۽ شفاف ٿين ۽ اهو ئي ايم ڪيو ايم جو مطالبو آهي. انهن چيو ته تحريڪ انصاف کي پنهنجي اميدوار جي ضمانت ضبط ٿيندي نظر اچي رهي آهي. جنهن جي ڪري اها اشتعال انگيزي تي ٻڌل زبان استعمال ڪري رهي آهي. جيڪا انتهائي قابل مذمت 
آهي.انهن چيو ته تحريڪ انصاف  سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي پولنگ ايجنٽ بنجڻ جي درخواست ڪئي آهي جنهن مان واضع آهي ته جڏهن هڪ جماعت وٽ تڪ ۾ پولنگ ايجنٽ بنجڻ جي لاءِ به ماڻهو نه آهي ته انهن وٽ ووٽن جي لاءِ عوام جي ڪهڙي حمايت هوندي؟ انهن چيو ته اليڪشن ڪميشن ان ڳالھ کي يقيني بڻائي ته ننڍي چونڊ جي لاءِ قائدي ۽ قانون جي پاسداري ڪئي وڃي ۽ جهڙي به سيڪيورٽي تحريڪ جي رهنما جي طرفان گهري وڃي ته انهن کي فورن فراهم ڪئي وڃي. انهن اين اي 246 جي عوام جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته انهن هميشه جناب الطاف حسين جي نامزد ڪيل اميدوار کي ووٽ ڏنو آهي ۽ هن اليڪشن ۾ به عوام جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ ٻين جماعتن جي پوزيشن واضع ٿي ويندي. انهن چيو ته تحريڪ انصاف اشتعال انگيزي جي ذريعي اليڪشن کان ڀڄڻ چاهي ٿي ۽ انهي جي ڪري اها ڪريل حرڪتون ڪري رهي آهي. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي پرامن رهن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي کي يقيني بڻائين. انهن چيو ته اڄ تحريڪ انصاف جي رهنمائن جي طرفان ڪريم آباد تي جناب الطاف حسين تي جيڪي الزام لڳايا ويا آهن، انهن جي جواب جي لاءِ عدالتن سان رجوع ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. انهن چيو ته اهڙو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڄڻ تحريڪ انصاف جو ايم ڪيو ايم سان برابري جو مقابلو آهي پر حقيقت ۾ اهڙو ڪجھ به نه آهي ۽ حقيقت ۾ تحريڪ انصاف وٽ اسرار الله غنڊه پور جي قتل، جاويد هاشمي جي الزامن ۽ پارليامينٽ ۾ واپسي جي سوالن تي ڪوئي به جواب نه آهي ان جي ڪري ئي اها گاريون ڏيئي ڪري معاملي جو رخ موڙڻ چاهي ٿي. تحريڪ انصاف ڌرڻي کان ٻه ڏينهن اڳ وزير اعظم جي طرفان جوڊيشل ڪميشن جي قيام کي رڌ ڪري ڇڏيو هو پر اڄ ان تي آماده ٿي وئي آهي.انهن سمورن سوالن جو جواب عوام چاهين ٿا. ان موقعي تي فيصل سبز واري چيو ته ننڍي چونڊ جي حوالي سان ڪجھ تجزيه نگارن کي اها به ڄاڻ  نه آهي ته ان تڪ اين اي 246 ۾ ڪهڙا ڪهڙا علائقا شامل آهن انهن علائقن جي عوام ايم ڪيو ايم کي صرف ووٽ ئي نه ڏنو آهي پر هتان جي نوجوانن جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي لاءِ پنهنجيون جانيون به قربان ڪيون آهن ۽ انهن کي عقيدت به ڏني آهي. 22 آگسٽ جي ننڍي چونڊ ۾ به رينجر تعينات هئي. انهن چيو ته تحريڪ انصاف جي طرفان جناب الطاف حسين جي خلاف الزام تراشين ۽ اشتعال انگيزي جو اليڪشن ڪميشن نوٽس وٺي ڇو ته اهو ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي آهي.

6/30/2024 9:24:29 AM