Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سعودي عرب ۽ يمن جي وچ ۾ تڪرار سان پوري پرڳڻي کي سنگين خطرو لاحق آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سعودي عرب ۽ يمن جي وچ ۾ تڪرار سان پوري پرڳڻي کي سنگين خطرو لاحق آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/7/2015 1

سعودي عرب ۽ يمن جي وچ ۾ تڪرار سان پوري پرڳڻي کي سنگين خطرو لاحق آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ٻئي مسلمان ملڪ پاڻ ۾ اختلافن کي گولي بارود جي بجاءِ ڳالھ ٻولھ سان حل ڪن.
انشاء الله تعالٰي 23 اپريل جي شام ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار جي ڪاميابي جو فيصلو سامهون اچي ويندو.
جناح گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندڙ ميوزيڪل پروگرام جي شرڪاء کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 7 اپريل 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سعودي عرب ۽ يمن جي وچ ۾ تڪرار سان پوري پرڳڻي جي امن کي سنگين خطرو لاحق آهي ۽ مان دعاگو آهيان ته الله تعالٰي ٻنهي مسلمان ملڪن جي سربراهن ۽ پاليسي ٺاهيندڙن کي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي طاقت عطا فرمائي ۽ ٻئي ملڪ پنهنجن اختلافن کي گولي بارود ۽ جنگ جي بجاءِ ڳالھ ٻولھ سان حل ڪن. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ ۾ اين اي 246 جي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ منعقد ٿيندڙ ميوزيڪل پروگرام جي شرڪاء کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو. ميوزيڪل پروگرام ۾ بزرگن، عورتن ،، نوجوانن ۽ ٻارڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين لياقت ۽ فيڊرل بي ايريا جي مردن کي اپيل ڪئي ته اهي 23 اپريل جي صبح پنهنجي گهر جي عورتن جي لاءِ ناشتو تيار ڪن ته جيئن اهي صبح سوير ئي حق 
پرست اميدوار جي حق ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهن ان کان پوءِ مرد حضرات ووٽ وجهن. انهن اين اي 246 جي ننڍي چونڊ جي ڪاميابي جي حوالي سان علائقي جي عوام کي اڳواٽ مبارڪباد ڏيندي چيو ته انشاء الله تعالٰي 23 اپريل جي شام ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار جي ڪاميابي جو فيصلو سامهون اچي ويندو ۽ لياقت آباد ۽ فيڊرل بي ايريا جا عوام پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪندي ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب بڻائيندا. جناب الطاف حسين پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي رهنمائن جي شرڪت جو ذڪر ڪندي فرمايو ته قرآن پاڪ ۾ الله تعالٰي فرمايو آهي ته الله سائين جنهن کي چاهي عزت عطا ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي ذلت عطا ڪري ٿو.بيشڪ الله سائين هر شي تي قدرت رکي ٿو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ ۽ عوام کي ايم ڪيو ايم کان بدظن ڪرڻ جي لاءِ هر طرح جا منفي پروفيگنڊا ڪيا ويا، ٽي وي چينلن ۽ اخبارن جو استعمال ڪيو ويو ، ڪجھ رپورٽرن، اينڪر پرسنن ۽ ليکڪن کي باقائده ٽاسڪ ڏنو ويو ته اهي جيترا وڌيڪ ايم ڪيو ايم جي خلاف قصا ڪهاڻيون گهڙي پيش ڪندا ته انهن کي اوترو ئي وڌيڪ پيسو ڏنو ويندو. ضمير جو سودو ڪرڻ وارن ڪجھ رپورٽرن ۽ اينڪر پرسنن فقط پيسي جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي خلاف باقائده منفي پروفيگنڊه مهم هلائي پر عزت ۽ ذلت الله سائين جي هٿن ۾ آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي جي علائقي ڪريم آباد جي عوام پاڻ ئي نڪري ڪري  ايم ڪيو ايم جي حق ۾ نعري بازي ڪئي ته اهو الزام لڳايو ويو ته ايم ڪيو ايم پي ٽي آئي جي ريلي تي حملو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته الله تعالٰي ۽ ان جو رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم ڄاڻي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن ڪنهن تي به حملو نه ڪيو هو. جڏهن پي ٽي آئي جي رهنمائن جي طرفان زهريلي زبان استعمال ڪئي وئي ۽ گاريون به ڏنيون ويون ته ان تي اين اي 246 جي عوام پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. انهن وڌيڪ فرمايو ته مان ان واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي  ڊيوٽي لڳائي ته اهي پي ٽي آئي جي ڪيمپ ۾ وڃي ڪري ويهن ۽ انهن جي حفاظت ڪن، جيڪڏهن ان تي انهن کي ڪوئي نقصان به پهچي ٿو ته ان جي اهي ڪائي به پرواھ نه ڪن ڇو ته پي ٽي آئي وارا اسان جا مهمان آهن ۽ ميزبان پنهنجن مهمانن سان پيار ۽ محبت وارو سلوڪ ڪن ٿا. انهن فرمايو ته اسان جي سٺي رويي جي باوجود ايم ڪيو ايم جي خلاف پروفيگنڊو ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اهو افسوسناڪ واقعو ايم ڪيو ايم ڪرايو آهي، پر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ عمران خان ۽ پي ٽي آئي جي رهنمائن کي جهڙي طرح ذلت جو سامنو ڪرڻو پيو اهو پوري دنيا جي سامهون آهي. افسوسناڪ ڳالھ اها آهي ته ان جو الزام به ايم ڪيو ايم تي لڳايو پيو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان جو آئين اسان سڀني جي لاءِ محترم آهي. آئين جي آرٽيڪل 64 جي شق نمبر 1 جي تحت سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جو ڪوئي به ميمبر پنهنجي صحيح سان اسٽعيفٰي لکي ڪري اسپيڪر يا سيڪريٽري کي جمع ڪرائي ڇڏي ته انهي وقت ان جي رڪنيت ختم ٿي وڃي ٿي. ان آرٽيڪل جي شق نمبر 2 جي تحت جيڪڏهن ڪوئي ميمبر 40 ڏينهن تائين بغير ڪنهن سبب جي سينيٽ، قومي يا صوبائي اسيمبلي جي ايوان کان غير حاضر رهي ته ان جي رڪنيت پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندي. ان موقعي تي جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن خصوصن عورتن ۽ ٻارڙن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته مان اوهان سڀني سان جيترو پيار ڪريان ٿو ايترو دنيا جو ڪوئي به ليڊر پنهنجن نوجوانن، امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ ٻارڙن سان نه ٿو ڪري. جناب الطاف حسين ميوزيڪل پروگرام ۾ فن جو مظاهرو ڪرڻ وارن فنڪارن، فنڪارائن ۽ ساز وڄائڻ وارن کي به زبردست شاباش ۽ خراج تحسين ڪيو.


7/17/2024 6:10:41 PM