Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مان “ را ” کان مدد جي ڳالھ صرف ۽ صرف مذاق طور چئي هئي، ان جملي جو مقصد هرگز به را کان مدد وٺڻ نه هو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


مان “ را ” کان مدد جي ڳالھ صرف ۽ صرف مذاق طور چئي هئي، ان جملي جو مقصد هرگز به را کان مدد وٺڻ نه هو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 5/1/2015 1
مان “ را ” کان مدد جي ڳالھ صرف ۽ صرف مذاق طور چئي هئي، ان جملي جو مقصد هرگز به را کان مدد وٺڻ نه هو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن منهنجن انهن جملن سان قومي سلامتي جي ادارن ۽ محب وطن ماڻهن جي دل آزاري ٿي آهي ته مان سڀني کان خلوص دل سان معافي جو طلبگار آهيان.
مان پاڪ فوج جو ڪالھ به احترام ڪندو هوس ۽ اڄ به ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ پهرين مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته منهنجي گذريل رات جي تقرير کي حقيقت کان هٽي ڪري پڙهيو ويو آهي.مان را کان مدد جي ڳالھ صرف ۽ صرف مذاق طور تي چئي هئي پر منهنجن انهن  جملن سان قومي سلامتي جي ادارن ۽ محب وطن ماڻهن جي دل آزاري ٿي آهي ته مان انهن سڀني کان دل جي سچائي سان معافي جو طلبگار آهيان. پاڪستان اسان جو وطن هو، وطن آهي ۽ رهندو. مان اهو به واضع ڪري ڇڏيان ته مهاجرن جي پاڪستان کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به ڪائي به وابستگي نه آهي. اسان جو جيئن مرڻ پاڪستان سان آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته منهنجو مقصد ڪنهن محترم اداري يا حڪومت جي توهين ڪرڻ هرگز به نه هو. منهنجي تقرير کي پوري طرح  سمجهيو نه ويو ۽ ان کي حقيقت کان هٽي ڪري پڙهيو ويو. انهن فرمايو ته اسان جي بزرگن پاڪستان جي قيام جي لاءِ 20 لک جانين جو نذرانو پيش ڪيو هو ۽ اسان بانيان پاڪستان جون اولادون آهيون. مهاجرن جون مشڪلاتون ۽ پريشانيون ۽ انهن سان ٿيندڙ ناانصافيون پنهنجي جڳھ تي پر اسان پنهنجي پاڪستان جا ڪالھ به وفادار هئاسين ۽ اڄ به آهيون. انهن فرمايو ته دهشت گردن جي خلاف وڙهي ويندڙ جنگ ضرب عضب جي حمايت ۾ سڀني کان وڏي ريلي ايم ڪيو ايم ڪڍي هئي ۽ مان لکين ماڻهن سان گڏ بيهي ڪري پاڪ فوج کي سلوٽ پيش ڪيو هو. مان پاڪ فوج جو ڪالھ به احترام ڪندو هوس ۽ اڄ به ڪريان ٿو. انهن فرمايو ته بار بار ٽي وين تي گرفتار ٿيلن کي آڻي ڪري انهن جو تعلق را سان جوڙي ان جو الزام ايم ڪيو ايم تي لڳايو وڃي ۽ بار بار ملڪ دشمني جا الزام ٻڌي ڪري هڪ انسان جو غمگين ٿيڻ فطري ڳالھ آهي. انهن فرمايو ته ٽي وين تي منهنجي ان جملي تي تمام گهڻو اعتراض ڪيو پيو وڃي ته مان را کان مدد گهري پر مان واضع ڪري ڇڏيان ته مان اهو جملو بار بار را جي ايجنٽ هجڻ جي ڪوڙن الزامن تي صرف ۽ صرف مذاق طور تي چيو هو ۽ ان جملي جو مقصد بلڪل به را کان مدد گهرڻ نه هو.منهنجي ان ڳالھ جي تصديق منهنجي تقرير کي ٻيهر ٻڌي يا ڏسي ڪري سگهجي ٿي. پر منهنجي ان جملي سان ڪنهن اداري يا محب وطن عوام جي دل آزاري ٿي آهي ته مان ان تي خلوص دل سان معافي جو طلبگار آهيان. انهن فرمايو ته مان پنهنجي خطاب ۾ واضع طور تي چيو هو ته پاڪستان اسان جو وطن هو، اسان جو وطن آهي ۽ رهندو. هاڻي اسان کان ٻئي ڪا به هجرت نه ٿيندي. انهن فرمايو ته مان اها به اپيل ڪندس ته خدا جي واسطي مهاجرن جي حب الوطني تي شڪ ڪرڻ ۽ انهن جي باري ۾ حقارت وارا جملا چوڻ کان پاسو ڪيو وڃي. انهن جي وفاداري تي شڪ ڪرڻ هميشه هميشه جي لاءِ ختم ڪيو وڃي. خداجي واسطي چار ڪروڙ محب وطن مهاجرن جي بي عزتي نه ڪئي وڃي. منهنجي دعا آهي ته الله تعالٰي اسان  سڀني کي پاڪستان جي خلوص دل سان خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين. انهن ميڊيا کي به اپيل ڪئي ته اهي منهنجي ان وضاحتي بيان کي مڪمل طور تي نشر ۽ شايع ڪن.

7/17/2024 11:15:59 AM