Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عوام صرف ۽ صرف قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي پنهنجي لاءِ ظالمن کان نجات ڏياريندڙ سمجهن ٿا.رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر سليم دانش.


عوام صرف ۽ صرف قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي پنهنجي لاءِ ظالمن کان نجات ڏياريندڙ سمجهن ٿا.رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر سليم دانش.
 Posted on: 5/1/2015 1
عوام صرف ۽ صرف قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي پنهنجي لاءِ ظالمن کان نجات ڏياريندڙ سمجهن ٿا.رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر سليم دانش.
مانچسٽر يونٽ جي زير اهتمام اين اي 246 جي سيٽ تي ڪاميابي جي خوشي ۾ جشن فتح به ملهايو ويو. 
لنڊن؛  پهرين مئي 2015 
             ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ ايم ڪيو ايم يوڪي جي آرگنائيزر ڊاڪٽر سليم دانش چيو آهي ته عوام صرف ۽ صرف قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي پنهنجي لاءِ ظالمن کان نجات ڏياريندڙ سمجهن ٿا. انهن چيو ته عوام ڪالھ به ايم ڪيو ايم سان گڏ هئا ۽ اڄ به گڏ آهن. اها ڳالھ انهن ايسٽ لنڊن يونٽ جي تنظيم نو جي موقعي تي ڪارڪنن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جو ميمبر عادل صديقي ۽ ٻيا به موجود هئا. انهن چيو ته 60 سالن کان مهاجرن سان غيرن جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي جيڪو ڪنهن به طور قبول نه آهي. ڪوٽا سسٽم جي نالي تي روزگار ۽ تعليمي ادارن جا دروازا بند ڪيا ويا.انهن چيو ته اڄ مهاجر نوجوانن کي گرفتار ڪري انهن تي وحشياڻو تشدد ڪيو پيو وڃي ، انهن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي غدار به چيو پيو وڃي، جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي. ان موقعي تي عادل صديقي ۽ سهيل خانزاده به ڪارڪنن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي.ان کان پوءِ يونٽ جي تنظيم نو ڪئي وئي.ان کان علاوه ايم ڪيو ايم برطانيه مانچسٽر يونٽ جي زير اهتمام اين اي 246 جي سيٽ تي  ڪاميابي جي خوشي ۾ جشن به ملهايو ويو. 

6/30/2024 7:33:45 AM