Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شهر ۾ ڪجھ ايم ڪيو ايم دشمن ماڻهو شرانگيزي تي ٻڌل ايس ايم ايس ۽ وال چاڪنگ ڪري رهيا آهن ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


شهر ۾ ڪجھ ايم ڪيو ايم دشمن ماڻهو شرانگيزي تي ٻڌل ايس ايم ايس ۽ وال چاڪنگ  ڪري رهيا آهن ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 5/1/2015 1
شهر ۾ ڪجھ ايم ڪيو ايم دشمن ماڻهو شرانگيزي تي ٻڌل ايس ايم ايس ۽ وال چاڪنگ  ڪري رهيا آهن ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ايم ڪيو ايم هڪ ذميوار سياسي جماعت آهي ۽ اهڙي عمل جي سختي سان ترديد ڪري ٿي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ پهرين مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته شهر ۾ ڪجھ ايم ڪيو ايم دشمن ماڻهو شر انگيزي تي ٻڌل ايس ايم ايس ۽ وال چاڪنگ ڪري رهيا آهن، متحده قومي موومينٽ هڪ ذميوار سياسي جماعت آهي ۽ اهڙي عمل جي سختي سان ترديد ڪري ٿي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ، ڪارڪنن ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته  اهي اهڙن ايس ايم ايس تي ڪن نه ڌرين ڇو ته اهڙا ايس ايم ايس هلائڻ وارا ايم ڪيو ايم ۽ مهاجرن جي حوالي سان  گمراھ ڪن خبرون ڦيلائي رهيا آهن. ان چيو ته اهڙي قسم جي وال چاڪنگ کي جتي به ڏٺو وڃي ان جي اطلاع  فوري طور تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي، ايم ڪيو ايم جي مقامي ذميوارن، پوليس ۽ سرڪاري اهلڪارن کي ڏني وڃي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته شهر ۾ ايس ايم ايس ۽ وال چاڪنگ جي ذريعي ڦيلائي ويندڙ افواهن جو مقصد صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي ساک کي نقصان پهچائڻ آهي. ان جي ڪري سمورا ڪارڪن ۽ عوام ان قسم جي گمراھ ڪندڙ افواهن کان پري رهن ۽ ان جي خاتمي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم دشمن عناصر موجوده حالتن جو فائدو وٺي ڪري شرانگيزي ڦيلائي رهيا آهن، جڏهن ته نام نهاد سياسي ۽ مذهبي جماعتون به ان سلسلي ۾ انهن جون مددگار بڻيل آهن. ان جي ڪري عوام ۽ ڪارڪنَ پنهنجي وچ ۾ اتحاد کي برقرار رکن ۽ افواهن تي ڪن نه ڌرين.

7/17/2024 11:12:55 AM