Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ ڊي ايس پي فتح محمد سانگري ۽ ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت جو واقعو قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ ڊي ايس پي فتح محمد سانگري ۽ ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت جو واقعو قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 5/1/2015 1
ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ ڊي ايس پي فتح محمد سانگري ۽ ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت جو واقعو قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ايم ڪيو ايم گهڻي وقت کان مسلسل ان ڳالھ جي نشاندهي ڪري رهي آهي ته پابندي وڌل انتها پسند تنظيمون ڪراچي ۾ پنهنجا اڏا قائم ڪري رهيون آهن. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ پهرين مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ دهشت گردن جي فائرنگ سان ڊي ايس پي فتح محمد سانگري ۽ ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم گهڻي وقت کان مسلسل ان ڳالھ جي نشاندهي ڪري رهي آهي ته پابندي وڌل انتها پسند تنظيمون ڪراچي ۾ پنهنجا اڏا قائم ڪري رهيون آهن. پر افسوس جو ان تي توجه ڏيڻ ۽ انهن انتها پسند عناصرن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ پوري توجه ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪاروائي تي ڏني پئي وئي وڃي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اهي انتها پسند عناصر جڏهن چاهين ٿا ۽ جتي چاهين ٿا پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ ٻين ادارن جي اهلڪارن کي ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي پنهنجي دهشت گردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ دهشت گردي جو بازار گرم ڪرڻ وارن انتها پسند دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. رابطا ڪميٽي ڊي ايس پي فتح محمد سانگري شهيد ۽ انهن سان گڏ شهيد ٿيندڙ ٻن پوليس اهلڪارن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي ۽ انهن جي پونئرن سان دلي تعزيت به ڪئي. 

7/17/2024 10:56:12 AM