Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گذريل رات ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ فوجي قيادت تي ڪائي به تنقيد نه ڪئي آهي بلڪه پاڪ فوج جي آرمي چيف جناب راحيل شريف جي تعريف ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي لنڊن و پاڪستان.


گذريل رات ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ فوجي قيادت تي ڪائي به تنقيد نه ڪئي آهي بلڪه پاڪ فوج جي آرمي چيف جناب راحيل شريف جي تعريف ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي لنڊن و پاڪستان.
 Posted on: 5/1/2015 1
گذريل رات ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ فوجي قيادت تي ڪائي به تنقيد نه ڪئي آهي بلڪه پاڪ فوج جي آرمي چيف جناب راحيل شريف جي تعريف ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي لنڊن و پاڪستان.
ڪراچي؛ پهرين مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ آئي ايس پي آر ميجر جنرل عاصم باوجوه جي طرفان ٽوئيٽ پيغامن جي جواب ۾ چيو آهي ته گذريل رات ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ فوجي قيادت تي ڪائي به تنقيد نه ڪئي آهي بلڪه پاڪ فوج جي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي تعريف ڪئي آهي. انهن چيو ته ضرب عضب سان گڏو گڏ ملڪي دولت لٽڻ وارن، قرضا هڙپ ڪرڻ وارن ۽ چورن ۽ ڌاڙيلن جي خلاف به ڪاروائي ڪئي وڃي. انهن چيو ته پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين آرمي چيف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اهي اسان سان انصاف ڪن. رابطا ڪميٽي چيو ته اها تنقيد نه بلڪه تعريف آهي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين ڏوهاري ماڻهن جي گرفتاري تي تنقيد نه ڪئي بلڪه انهن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته فرقي واريت جي حوالي سان تحقيقات ڪرائي رهيو آهيان ۽ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جو ڪوئي به ماڻهو ايستائين جو منهنجو ڀاءُ به ملوث هجي ته ان کي به سرعام ڦاهي تي چاڙهيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته قائد تحريڪ ايم ڪيو ايم جي طرفان پريس ڪانفرنس ۾ اٿاريل ان نقطي تي ته وزير اعلٰي هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته اتي سابق صدر آصف علي زرداري ۽ قائم علي شاھ کان علاوه ٽئين شخصيت مان مراد ڪنهن فوجي اداري يا ان جو ڪو ماڻهو نه آهي ۽ ان جي اسان پاڻ به تحقيقات ڪري رهيا آهيون. انهن چيو ته جناب الطاف حسين پنهنجي بي شمار عوامي خطابن ۾ پاڪ فوج ۽ ان جي سربراھ جناب راحيل شريف جي ڪوششن جي نه صرف تائيد ۽ حمايت ڪئي بلڪه تعريف به ڪئي آهي. انهن چيو ته عوامي سطح جي هڪ ملين مارچ ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پاڪ فوج جي شهيد جوانن ۽ آفيسرن کي سلوٽ به پيش ڪيو، ڪيترائي ڀيرا پاڪ فوج سان گڏ پنهنجي لکين ڪارڪنن کي وڙهڻ جو اعلان به ڪيو، اهو عوام ۾ فوج جو مورال وڌائڻ جو سبب ته بڻجي سگهي ٿو پر نفرت ڦيلائڻ جو سبب هرگز به بڻجي نه ٿو سگهي. انهن فرمايو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن آپريشن ضرب عضب به جاري آهي، هڪ بدنام پوليس آفيسر جي طرفان غداري ۽ ملڪ دشمني جا الزام ۽ را سان ايم ڪيو ايم جهڙي محب وطن سياسي جماعت جو تعلق جوڙڻ تي ڪنهن جا به جذبا ڀڙڪي سگهن ٿا.

7/17/2024 11:11:59 AM