Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايس ايس پي رائو انوار جي طرفان ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن. حيدر عباس رضوي.


ايس ايس پي رائو انوار جي طرفان ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن. حيدر عباس رضوي.
 Posted on: 4/30/2015
ايس ايس پي رائو انوار جي طرفان ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن. حيدر عباس رضوي.
ايم ڪيو ايم رائو انوار جي طرفان لڳايل الزامن جي متعلق قانوني ڪاروائي ڪندي.
حيدرعباس رضوي جي طاهر ريحان ۽ جنيد جي گهر وارن سان گڏجي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 30 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد حيدر عباس رضوي ايس ايس پي رائو انوار جي طرفان ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پريس ڪانفرنس ۾ لڳايل الزامن جي متعلق قانوني ڪاروائي ڪندي ،ايم ڪيو ايم تي ماضي ۾ به هزارين الزام لڳا آهن ۽ اڄ به لڳي رهيا آهن ۽ اهڙو ڪهڙو الزام آهي جيڪو ايم ڪيو ايم تي نه لڳو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار،ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عارف خان ايڊووڪيٽ، گلفراز خان خٽڪ ۽ ٻيا به موجود هئا. سيد حيدرعباس رضوي چيو ته اڄ جي الزامن سان هڪ ڀيرو ٻيهر 90 جي ڏهاڪي جي ياد تازه ٿي وئي آهي، انهن چيو ته ان قسم جي الزامن کي پوين ڏهن اليڪشنن ۾ پاڪستان ۽ ڪراچي جا عوام بلڪل رڌ ڪري چڪا آهن پر اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوڙا ۽ بي بيناد سياسي نوعيت جا الزام هڪ ايس ايس پي جي ليول جي آفيسر لڳايا آهن. انهن چيو ته ماضي ۾ جناح  پور جو الزام لڳايو ويو ۽ بعد ۾ الزام لڳائڻ وارن ميڊيا تي اچي ڪري ان الزام کي رڌ ڪري ڇڏيو هو، شهيد حڪيم سعيد جي قتل جي الزام ۾ ايم ڪيو ايم جي 300 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪيترن ئي کي سرڪاري حراست ۾ شهيد ڪيو ويو. پر ان کان پوءِ سپريم ڪورٽ حڪيم سعيد قتل ڪيس ۾ اسان جي ڪارڪنن کي 18 سالن کان پوءِ بري ڪري ڇڏيو. تڪبير رسالي جي ايڊيٽر صلاح الدين جي قتل جو الزام به لڳو پوءِ اهو به ڪوڙو ثابت ٿيو. انهن چيو ته اڄ هڪ اهڙي شخص ايم ڪيو ايم تي ملڪ دشمني جو الزام لڳايو آهي جنهن جو پنهنجو ڪردار دنيا جي سامهون آهي، جنهن 1992 ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو. انهن چيو ته رائو انوار ايم ڪيو ايم جي چونڊيل ميمبر ڪنور خالد يونس تي حراست جي دوران تشدد ڪيو جنهن جي ڪري انهن جي هڪ اک ضايع ٿي وئي ۽ اهي هڪ پير کان معذور به ٿي ويا. انهن چيو ته هاڻي پاڪستان جي عوام کي سوچڻو پوندو ته ان قسم جي پريس ڪانفرنس جو اصل فائدو ڪنهن کي پهچايو ويو آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن طاهر ريحان جي گرفتاري گذريل رات ٻڌائي وئي آهي جڏهن ته انهن کي 26 هين فيبروري 2015 تي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ 27 هين فيبروري تي انهن جي گهر واري سنڌ هائي ڪورٽ ۾ انهن جي غير قانوني گرفتاري جي خلاف پٽيشن دائر ڪئي هئي. انهن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها وضاحت ڪري ته ايس ايس پي رائو انوار جي ڪوڙي پريس ڪانفرنس ڪنهن جي مرضي تي ڪئي وئي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن جنيد کي 24 مارچ 2015 تي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ انهن جي گهر وارن 28 مارچ 2015 تي سنڌ هائي ڪورٽ ۾ انهن جي گرفتاري جي خلاف پٽيشن به دائر ڪئي هئي. انهن صدر مملڪت ، وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ ارباب اختيار کان سوال ڪيو ته آخر ڪيستائين سرڪاري اهلڪار ملڪ جي ٽئين وڏي جماعت تي الزام هڻڻدا رهندا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ۽ همدرد ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ موجود آهن، آخر ڪيستائين ان قسم جو مذاق ڪيو ويندو رهندو. انهن چيو ته عوام ايم ڪيو ايم کي اين اي 246 ۽ ڪنٽومينٽ جي اليڪشن ۾ ڪاميابي ڏياري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اها ملڪ جي مقبول جماعت آهي، پر جڏهن اها پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ايم ڪيو ايم تي ڪوڙن الزامن جي برسات ڪئي وڃي ٿي. انهن چيو ته اسان جي طرفان اپوزيشن ۾ ويهڻ ۽ عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ آواز اٿارڻ انهن کي برو لڳو آهي . انهن چيو ته ايم ڪيو ايم رائو انوار جي پريس ڪانفرنس ۾ لڳايل الزامن جي متعلق قانوني ڪاروائي ڪندي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته رائو انوار جي پريس ڪانفرنس ۽ ان جي ڪجھ ڪلاڪن کان پوءِ هڪ ٽي وي کي ڏنل بيانن ۾ واضع تضاد آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ حيدر عباس رضوي چيو ته گذريل رات وزير اعلٰي هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات جو جائزو ورتو وڃي ته سموري صورتحال واضع ٿي ويندي. انهن چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن لکن جي تعداد ۾ قربانيون ڏيئي ڪري هي ملڪ حاصل ڪيو آهي ان جي ڪري پاڪستاني هجڻ جو حق اسان کان ڪير به ڇني نه ٿو سگهي . انهن چيو ته گذريل 50 سالن کان عوام صوبن ۽ انتظامي يونٽن جو مطالبو ڪري رهيا آهن، انهن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم گلگت بلتستان ، فاٽا، جنوبي پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ ٿيندڙ صوبن جي مطالبن جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته سنڌ هائي ڪورٽ کي رائو انوار کان سوال ڪرڻ گهرجي ته ٻنهي ڪارڪنن جي گهر وارن جڏهن هائي ڪورٽ ۾ پٽيشن دائر ڪري ڇڏي هئي ته هن مهل تائين انهن ڪارڪنن کي قيد ۾ ڇو رکيو ويو؟

6/30/2024 7:28:56 AM