Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آئي بي او اِي جي غريب رٽائر پورهيتن جي پينشنن ۾ 2014 جي بجيٽ جي مطابق اضافو ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


آئي بي او اِي جي غريب رٽائر پورهيتن جي پينشنن ۾ 2014 جي بجيٽ جي مطابق اضافو ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 4/30/2015
آئي بي او اِي جي غريب رٽائر پورهيتن جي پينشنن ۾ 2014 جي بجيٽ جي مطابق اضافو ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
بجيٽ جي اندر پينشن ۾ 6000 هزار روپين جي واضع اعلان جي باوجود نوٽيفيڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي.
ڪراچي؛ 30 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو آهي ته آئي بي او اِي جي غريب پورهيتن جي پينشن ۾ 2014 جي بجيٽ جي مطابق اضافو ڪيو وڃي ۽ رٽائر ملازمن سان ناانصافين جو سلسلو بند ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته 2014 جي سالانه بجيٽ ۾ وفاقي حڪومت آئي بي او اِي جي رٽائر ملازمن جي پينشنن ۾ 6000 هزار روپيا اضافو ڪرڻ جو واضع اعلان ڪيو هو پر ان جي باوجود حڪومت جي طرفان پينشنن ۾ اضافي جو نوٽيفيڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي. جنهن جي ڪري پورهيتن ۾ سخت بي چيني پاتي وڃي ٿي ۽ مهانگائي جي ان دور ۾ انهن کي مشڪلاتن ۽ پريشانين جو سامنو آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته حڪومتي اعلان جي باوجود آئي او بي اِي جي پينشنن ۾ 6000 هزار روپين جي اضافي نه ڪرڻ جو نوٽس ورتو وڃي ۽ رٽائر ملازمن جي پينشنن ۾ 6000 هزار روپين جو اضافو ڪيو وڃي. 

7/17/2024 11:11:58 AM